خيرپور(رپورٽ شاهد نواز سيال ) لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ باگوديرو واسڻ نوجوان ناري انيلان ڌيءَ لال بخش گوپانگ خيرپور جي عدالت ۾ شڪارپور ضلعي ڳوٺ ٻڍو ٻرڙو واسي نوجوان عبدالجبار پٽ بدرالدين ٻرڙو سان پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو. ، پيار پرڻو ڪندڙ جوڙي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته پسند جي شادي ڪرڻ تان ناري جا مائٽ جان جا ويري بڻجي ويا آهن، جيڪي ڪارنهن الزام هيٺ اسان کي قتل ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن ڪري درپدريءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي شڪارپور سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي اسان کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.