ڌاٻيجي ۾ سرڪاري زمينن بعد پبلڪ پارڪن تي به قبضا شروع

ڌاٻيجي (ن ع آ) ڌاٻيجي ۾ سرڪاري زمينن بعد هاڻ قبضا مافيا يوسي جي پبلڪ پارڪن تي به قبضو شروع ڪري ڏنو آهي، يوسي جي پارڪ تي لينڊ مافيا جون اکيون کتل آهن، رات جي پهر ۾ پارڪ ڊاهي زمين تي وڏي شاپنگ سينٽر جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾  مقامي سياسي سماجي اڳواڻن، اڳوڻي پ پ يو سي ڌاٻيجي جي چيئرمين فقير نبي بخش ڪلمتي بلوچ، جسقم اڳواڻ نظام جوکيو، سماجي اڳواڻ آصف جوکيو، ايس ٽي پي اڳواڻ عمر ناهيو ۽ ٻين چيو ته هڪ پاسي ڪراچي ۾ سرڪاري زمينن تي مسجدون پبلڪ پارڪ ۽ شادي حال ڊاٿا پيا وڃن ته ٻئي پاسي سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور جي سر زمين تي قبضي کانپونءَ ڌاٻيجي جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ خالي پيل روينيو جي ملي ڀگت سان سرڪاري زمينن تي قبضو ڪري هاڻ پبلڪ پارڪن تي ڪراچي جي بااثر لينڊ مافيائن رات جي پهر ۾ راتو رات اڏاتون شروع ڪري ڏنيون آهن، هنن سيشن جج ٺٽو ۽ ثقافت کاتي جي وزير کان اپيل ڪندي چيو ته فوري طور تي نوٽيس وٺي ڪري قبضو خالي ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.