اوٻاوڙو ۾ڪراچي جا واپاري اغوا کان بچي ويا، مقابلو، ڏوهاري فرار

اوٻاوڙو ( رپورٽ : عبدالحئي ڇڄڻ )  اوٻاوڙو ڪراچي کان قرباني جا سستا جانور خريد ڪرڻ جي لالچ ۾ ڪراچي جا رھواسي اتي  ڪم ڪندڙ  ڏوھارين جي ساٿي سان گڏ رانوتي جي ڪچي طرف ويا ته ڏوھارين 6 ڄڻن پنھنجي قيد ۾ رکي ڇڏيو اھڙو خفيا اطلاع رانتي پوليس کي مليو جتي ايس ايڇ او رانوتي محمد ايوب ڊوگر نفري ساڻ ڪري نشاندهي واري جڳهھ تي پھچي ويو جتي اغوا ڪارن پوليس کي ڏسندي ئي پوليس مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني    ھٿياربندن سان مبينا طور مقابلي ٿي پيو جنهن بعد اغوا ڪارن جو گهيرو تنگ ٿيڻ تي مغوين کي ڇڏي فائرنگ ڪندا فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جتي پوليس ڪراچي واسين6 ڄڻن جنھن محمد فرمان پٽ عبدالرشيد ڪانڃون، محمد فيضان پٽ محمد فرمان ڪانڃون، غلام جافر پٽ خورشيد احمد ڪانڃون، محمد جاويد پٽ محمد صديق ڪانڃون، محمد حزيفه قريشي، محمد عامر انصاري کي پوليس باحفاظت بازياب ڪرائي ورتو 6 ڄڻن کي  پوليس ٿاڻي تي آندو ويو جتي پوليس پاران انھن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي ته ڪراچي واسين ٻڌايو ته صاحب شر نالي اسان سان گڏ ڪراچي ۾ ڪم ڪندو هو جنهن اسان کي پنهنجا قرباني جا جانور مناسب رقم ۾ وڪرو ڪرڻ لاءِ چيو ته اسان قرباني جا سستاجانور خريد ڪرڻ لاءِ ڪراچي کان اوٻاوڙو پھتا سائين ته انهن جا ماڻهو اسان کي موٽر سائيڪلن تي رائوتي ڪچي واري علائقي وٺي ويا هئا ته علائقي واسين جي اطلاع تي رانوتي پوليس پھچي وئي جتي ڏوھارين سان مقابلو ڪري اسان کي ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ڪرائي ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.