ٽنڊي الهيار ۾ پاڻي نيڪال وارو نظام ڊانواڊول، روڊ رستا ٻڏي ويا

ٽنڊوالھيار (رپورٽ : حسرت لغاري) ٽنڊي الھيار شھر جا نصرپور روڊ ۽ ميرواھ ناڪي جا رستا ھن وقت گندي پاڻي ۾ ٻڏل آھن. جنھنڪري شھري توڙي ٻھراڙين کان شھر ڏانھن ايندڙ رڪشا ۽ ٻيون سواريون رستن تي بيٺل پاڻي ۾ بند ٿيو وڃن. شھري علائقن ۾ مختلف ھنڌن تي 9 ڊسپوزل الخدمت اسپتال. پٺاڻ  ڪالوني. بڪيرا روڊ. زرداري ڪالوني. بي سيڪشن ٿاڻي لڳ سبحان ڪالوني. نصرپور ناڪي. ستار بچاڻي پمپ لڳ. ڪچي ڦاٽڪ ۽ انڙ پاڙي وارن علائقن ۾ موجود آھن پر انھن جي درست طرح سنڀال نه ٿي رھي آھي. ڪجھ سال اڳ جسٽس مسلم ھاني جي سربراھي ۾ ھڪ ڪميشن ٺھي ھئي ۽ جسٽس مسلم ھاني ٽنڊوالھيار جو دورو ڪيو ھو. جنھن بعد ٽنڊوالھيار جي گندي پاڻي وارن ڊسپوزلن جا انتظام مڪمل طرح پبلڪ کاتي حوالي ڪيا ويا ھئا پر ھن کاتي جي بي ڌياني ۽ نااھلي سبب شھر جو گندو پاڻي روڊن تي وھندو رھي ٿو. ان جو اھم سبب  بجلي جي بندش دوران ڊسپوزلن جي پاڻي نيڪال ڪرڻ وارين مشينن کي ڊيزل جي فراھمي نه ڪرڻ آھي. جڏھن ته تيل جي فراھمي جي نالي ۾ پبلڪ ھيلٿ کاتو ڪوڙا بل ٺاھي رقمون ھضم ڪري رھيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.