لواري شريف ۾ جهيڙي جو ڪيس 40 ماڻهن تي داخل، گرفتاري نه ٿي

بدين(  ڊ ر ) بدين لڳ درگاهه لواري شريف ۾ درگاهه لواري شريف جي نائين سجاده نيشن  پير محمد  صادق نقشبندي جي 43 هين سالگرهه واري تقريب تي حملي ڪرڻ جو ڪيس40 کان وڌيڪ ماڻهن تي مور خان ڪوريجو جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي،  جڏهن ته گرفتاري  عمل نه اچي سگهي هئي، واِضِح رهي ته گذريل ٻه ڏينهن  شرپسندن  جي حملي ۾ 25 کان وڌيڪ ماڻهو  زخمي ٿي پيا هئا، جن مان ٽن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئي، جن کي حيدر آباد نيو ويو  آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.