سرحد جو مغوي آزاد نه ٿيو، تشدد، 25 لک ڀنگ طلب، احتجاج

گهوٽڪي ( ڊ ر ) سرحد ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام حسين ڪنڊراڻي واسي 20 سالا نوجوان خالد حسين ڪنڊراڻي  ڌاڙيلن پاران مغوي جي وارثن  سان ڏانهن فون پڻ ڪرائي وئي ،مغوي خالد ڪنڊراڻي مٿان تشدد ڪيو پيو وڃي ،مغوي جي وارثن نظير احمد جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو بازيابي جي اپيل ڪئي وئي ، وارثن چيو ته خالد ڪنڊارڻي مٿان انسانيت سوز تشدد ڪيو پيو وڃي، 25 لک ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ کيس مارڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي وارثن پاران اپيل ڪئي وئي ته اسين پورهيت آهيون ڀنگ جي وڏي رقم ڀرڻ جي سگھه ناهي.هنن آءِ جي سنڌ ،ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي مغوي کي بازياب ڪرائي ڏين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.