حڪمران مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ مهانگائي پيا ڪن: صنعان قريشي 

شڪارپور( ڊ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، ماليات سيڪريٽري مومن سمون، سمع بلاولي جي شڪار پور ۾ شهيد قيوم منگي جي مزار تي حاضري،جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي شهيد قيوم منگي جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پڙهي قومي سلامي پيش ڪئي. جسقم مرڪزي انفارمیشن سيڪريٽري ديدار شام جسقم مرڪزي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي شهيد قيوم منگي جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي سلامي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته شهيد قيوم منگي شهيد بابا بشير قريشي مٿان پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي، هن کي سنڌ ڪڏهن به وساري نٿي سگهي، هن چيو ته شهيد قومن جا پير هوندا آهن جن جي پيرن تي پير رکي قومون اڳتي وڌنديون آهن، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي وڌيڪ چيو آهي ته وقت جي حڪمرانن هٿرادو مهانگائي جو طوفان برپا ڪري ماڻهن کي مفلسي، غربت جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي سنڌ جي حقيقي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هن چيو ته سنڌ جو سڀ کان وڏو مسئلو سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، هن ڇيو ته سنڌو درياھ سنڌ جي واحد جياپي جو وسيلو آهي، جنهن تي پنجاب طاقت ۽ ڏاڍ جي بنياد قابض آهي جنهن تي سنڌ جا حڪمران خاموش آهن، سنڌ کي سجاڳ ٿي پنهنجو سنڌو درياءَ بچائڻو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.