ميهڙ: سياسي، سماجي اڳواڻن جو شهر ۾ بدامني تي ضابطو آڻي شهرين کي تحفظ ڏيڻ جو مطالبو

ميهڙ جي سياسي، سماجي اڳواڻن شهر ۾ وڌندڙ بدامني تي ضابطو آڻي شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

ميهڙ جي شهري، واپارين، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن نظير جانور، ستار چنا، ايوب کوسو ۽ ٻين پريس ڪلب پهچي احتجاجي رڪارڊ ڪرايو.

ان موقعي تي اڳوڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ميهڙ پر امن شهر آهي، جيڪو انتظامي نااهلي سبب ڏوهارين جي ور چڙهي ويو آهي.

هنن چيو ته شهر ۾ چوريون، ڦرون، ڌاڙا ۽ ٻيون وارداتون وڌي ويون آهن، ايس ايس پي دادو تعلقي ۾ امن قائم ڪرائڻ بدران پرامن ماڻهن تي دهشتگردي جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهيو آهي.

هنن آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن کان مطالبو ڪيو ته ميهڙ ۾ بدامني جو نوٽيس وٺي امن امان قائم ڪرايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.