ڪنڌڪوٽ: ڳوٺ نصر الله بهلڪاڻي ۾ شرپسندن مبينا طور پورهيت جي گھر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو

ڪنڌڪوٽ ويجھو شرپسندن مبينا طور پورهيت جي گھر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ نصر الله بهلڪاڻي ۾ شرپسندن مبينا طور پورهيت امام بخش بلهڪاڻي جي گھر کي باهه ڏئي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ الهه تلهه سڙي ويو.

اطلاع تي فائر برگيڊ عملي پهچي ڳوٺاڻن جي مدد سان باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ گھرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو.

ٻئي پاسي متاثر امام بخش بلهڪاڻي شڪ ظاهر ڪندي چيو ته جاءِ جي معاملي تي سندس چاچي امير بخش بهلڪاڻي ۽ ٻين سان تڪرار هلندڙ آهي، شڪ آهي ته تڪرار جي رد عمل تان گھر کي باهه ڏني وئي.

هن ايس ايس پي ڪشمور ايٽ ڪنڌ ڪوٽ ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي اڻڌري جاچ ڪرائي ملوثن کي سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.