حيدرآباد: بروهي برادري جو نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

حيدرآباد ۾ بروهي برادري پاران نوجوان جا قتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

هوسڙي جي ڳوٺ صمد پٺاڻ جي رهواسي بروهي برادري امداد علي، عمران، پرويز ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي بروهي برادري جو چوڻ هو ته 9 جون تي ڏيتي ليتي جي معاملي تان جوابدار روضي خان پٺاڻ ۽ يامين مهاجر سوڌو 15 ڄڻڻ نوجوان نيڪ محمد عرف بابو بروهي کي وحشياڻو تشدد ڪري قتل ڪيو.

هنن چيو ته  هوسڙي پوليس قتل ۾ ملوث روضي خان ۽ يامين مهاجر کي گرفتار ڪري سندن ٿاڻي تي مهانن وانگي خدمت ڪري رهي آهي، جڏهن ته ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي.

هنن مطالبو ڪندي چيو ته هوسڙي پوليس رشوت عيوض نوجوان جون خون لوڙهڻ چاهي ٿي، ايس ايس پي حيدر آباد معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.