ڪنهن کي نٿو ڇڏي سگهان: همراهه هڪ ئي وقت ٻن محبوبائن سان شادي ڪري ڇڏي

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست جهارکنڊ جي رهواسي هڪ ئي تقريب ۾ ٻن نارين سان شادي ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ ته هو هنن ٻنهي سان محبت ڪندو هيو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب جهارکنڊ جي ڳوٺ لوهردگا سان واسطو رکندڙ سنديپ پنهنجي ٻن دوستن ڪوسوم ۽ سواتي سان اهو چئي هڪ ئي وقت ۾ شادي ڪئي ته هو  ٻنهي مان ڪنهن کي نٿو ڇڏي سگھي.

اها غير معمولي شادي ٽنهي جي رضامندي سان ٿي، ڇو ته ٻئي ناريون به سنديپ کي حد کان وڌيڪ پسند ڪنديون هيون.

سنديپ ۽ ڪوسوم ٽن سالن کان ليو ان ريليشن شپ (گڏ رهڻ) ۾ هئا، جن کي هڪ پٽ به هو، انهن جي محبت جي داستان هڪ سال اڳ نئون رُخ اختيار ڪيو، جڏهن سنديپ اولهه بنگال ۾ سرن جي بٺي تي ڪم ڪرڻ ويو.

اتي سنديپ جي ملاقات سواتي ڪماري سان ٿي، جيڪا اتي ڪم ڪرڻ ايندي هئي، سنديپ جي گھر موٽڻ کانپوءِ ٻنهي جون ملاقاتون جاري رهيون، نيٺ هنن جي گھروارن ۽ ڳوٺ وارن کي هنن جي رشتي جي خبر پئي ۽ مخالفت شروع ڪري ڇڏي.

گھڻي ويڙهه ۽ جھيڙن کانپوءِ پنچائت اهو فيصلو ڪيو ته سنديپ ٻنهي نارين سان شادي ڪري ڇڏي، جنهن تي نارين سميت گھر وارن کي به ڪو اعتراض نه هيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي گھوٽ سنديپ جو چوڻ هو ته ٻن نارين سان شادي ڪرڻ ۾ قانوني مسئلو ٿي سگھي ٿو پر مان هنن ٻنهي سان محبت ڪندو آهيان ۽ مان هنن مان ڪنهن کي به نٿو ڇڏي سگھان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.