ڀان سيد آباد: ميمڻ برادري جو مڪاني چونڊن ۾ پ پ جي مخالفت بيهندڙ اميدوارن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو

ڀان سيد آباد ۾ ميمڻ برادري پاران مڪاني چونڊن ۾ پ پ جي مخالفت بيهندڙ اميدوارن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو ويو.

ميمڻ برادري جي ماڻهن  لقمان، عبدالستار ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي شهر ۾ ڪاروبار بند ڪرائي انڊس هاءِ وي تي ٽائرن کي باهيون ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ الزام هڻندي چيو ته پ پ جي وڏيرن مڪاني چونڊن ۾ خلاف بيهندڙ  پنهنجي 4 باغي اميدوارن منور حسين، نور محمد، طفيل ميمڻ ۽ سيد ڪوڙل شاهه کي انتقامي جو نشانو بڻائيندي پوليس ذريعي کنڀي گم ڪرائي ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته پ پ جي مخالفت ۾ بيهدڙ اميدوارن کي پوليس ذريعي حراسان ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان معاملي جو نوٽيس وٺي اميدوارن کي آزاد ڪرائي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.