ٽوئيٽر واهپيدارن لاءِ سُٺي خبر، اکرن جي حد ختم ٿي ويندي

 

ٽوئيٽر پاران هڪ اهڙي فيچر کي جلد متعارف ڪرايو پيو وڃي، جيڪو ڊگھي لکڻين کي پوسٽ ڪرڻ ممڪن بڻائي ڇڏيندو.

جيڪڏهن هي فيچر متعارف ڪرايو وڃي ته پوءِ توهان کي هڪ ٽوئيٽ 280 اکرن ۾ مڪمل ڪرڻ جو فڪر نه رهندو.

ٽيڪ ڪرنچ جي رپورٽ موجب ٽوئيٽر نوٽس نالي هي فيچر ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ متعارف ڪرائي سگھجي ٿو.

هن فيچر بابت ليڪس ڪيترن مهينن کان سامهون اچي رهيا هئا ۽ مئي ۾ ايپ ريسرچر جين منچون وونگ ان جو هڪ اسڪرين شارٽ به شيئر ڪيو هو.

ان اسڪرين شارٽ ۾ انهي ٽوئيٽر آرٽيڪل جو نالو لکيو ويو هو.

هاڻي نئين رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٽوئيٽر ايپ جي بيٽا ورزن ۾ هي فيچر موجود آهي، جنهن سان اشارو ملي ٿو ته ان کي ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ متعارف ڪرائي سگھجي ٿو.

هن فيچر ۾ ڊگھي لکڻين لاءِ فارميٽنگ ۽ ميڊيا آپشنز به موجود هوندا ۽ انهن کي پبلش ڪري فالوئرز سان شيئر ڪري سگھبو.

ڊگھي لکڻين ۾ واڌ سان ٽوئيٽر ۾ وڏي تبديلي ايندي، جتي گھٽ کان گھٽ لفظن ماڻهو پنهنجي ڳالهه پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.

پهرين هڪ ٽوئيٽ ۾ رڳو 140 اکر استعمال ٿي سگهبا هئا، 2017 ۾ اکرن جو انگ وڌائي 280 ڪيو ويو هو.

گھڻي وڏي لکڻي لاءِ ماڻهن کي هڪ ئي ٿريڊ ۾ ڪيترائي نوٽس ڪرڻا هوندا آهن.

ڪمپني کي اميد آهي ته گھڻي وڏي لکڻين سان سنجيده پوسٽن کي وڌيڪ اهميت ملي سگهندي.

انهي ريت مضمون يا بلاگز سڌي ريت ٽوئيٽر تي شايع ڪرڻ به واهپيدارن جو ڌيان حاصل ڪري سگھندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.