سنڌ ۾ ڊيل تحت حڪومت ڏني ويندي آهي: ارباب غلام رحيم جي دعويٰ

 

مٺي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ارباب غلام رحيم چيو آهي ته سنڌ ۾ ڊيل تحت حڪومت ڏني ويندي آهي.

مٺي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ارباب غلام رحيم چيو ته اليڪشن ڪميشن سنڌ جو ميمبر به جيالو آهي، سنڌ ۾ جنرل يا مڪاني چونڊون صاف شفاف ناهن ٿينديون، ماڻهن کي اليڪشن ڪميشن تي اعتماد ناهي رهيو.

هن چيو ته 2008 کان هيل تائين پ پ جي حڪومت هلي رهي آهي پر ڪو قانون ناهي، سنڌ ۾ ڊيل تحت حڪومت ڏني ويندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.