دنيا جي 100 پرڪشش ۽ خوبصورت ترين ماڻهن جي فهرست ۾ 5 پاڪستاني فنڪارن کي به نامزد ڪيو ويو آهي.
دنيا جي پرڪشش ۽ خوبصورت ترين ماڻهن جو پتو لڳائيندڙ ويب سائيٽ ٽي سي ڪينڊلر 2022 جي 100 خوبصورت ترين چهرن جي نامزدگين جو اعلان ڪيو آهي.
ان فهرست ۾ پاڪستان جي 5 مشهور فنڪارن به جاءِ ٺاهي آهي، جن ۾ عائزا خان، نيلم منير، سجل علي، فواد خان ۽ عمران عباس شامل آهن.
فهرست ۾ هالي ووڊ ۽ بالي ووڊ جي وڏن نالن کي به شامل ڪيو ويو آهي، انهن کي عالمي مقبوليت جي بنياد تي نامزد ڪيو ويندو آهي.
سڄي دنيا ۾ موجود ماڻهو آن لائن ووٽنگ ذريعي پنهنجي پسنديده خوبصورت چهرن جي چونڊ ڪندا ۽ نتيجا ٽي سي ڪينڊلر جي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي جاري ڪيا ويندا.