گهرج ۾ گهٽتائي سبب سام سنگ جا ڪروڙين سمارٽ فونز وڪري لاءِ  منتظر

وڌندڙ مهانگائي جي ڪري ماڻهن لاءِ نوان سمارٽ فونز خريد ڪرڻ ڏکيو ٿي چڪو آهي.

پر اهو اثر رڳو واهپيدار تائين محدود ناهي پر ڪمپنيو به اهڙين ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيون آهن

رپورٽ موجب سام سنگ وٽ عالمي سطح تي 5 ڪروڙ فونز اسٽاڪ ۾ موجود آهن جيڪي وڪرو ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيون آهن.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فونز هن وقت ڪمپني جي ڊسٽري بيوٽرز وٽ موجود آهن ۽ ان ۾ گليڪسي اي سيريز جي فونز جو انگ سڀ کان وڌيڪ آهي.

سام سنگ 2022ع جي شروعات ۾ سڄي سال ۾ 33 ڪروڙ 40 لک فونز جي پروڊڪشن جو هدف طئي ڪيو هو.

پر طلب ۾ گھٽتائي جي ڪري ان انگ کي 27 ڪروڙ ڪيو ويو ۽ ان مان به 18 سيڪڙو فونز هن وقت واهپيدارن جي انتظار ۾ آهن.

عام طور تي سمارٽ فونز جو هن طرح جو اسٽاڪ 10 سيڪڙو کان گھٽ ٿيو ته ان کي ”صحت مند“ سمجهو ويندو آهي.

اهو ئي ڪارڻ آهي ته 18 سيڪڙو فونز جو اسٽاڪ ڪمپني لاءِ مسئلو سمجهو پيو وڃي.

سام سنگ 2022 جي شروع ۾ هر مهيني 2 ڪروڙ فونز تيار ڪري رهي هئي پر طلب ۾ گھٽتائي ۽ اسٽاڪ ۾ گھڻيون وڌيڪ فونز هجڻ ڪري مئي ۾ هي انگ هڪ ڪروڙ ڪيو ويو.

طلب ۾ گھٽتائي جي ڪري سام سنگ اپريل کان مئي دوران سپلائرز کان پرزن جي خريدار به 30 کان 70 سيڪڙو گھٽ ڪري ڇڏي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.