خوشخبري، سنڌ ۽ پنجاب ۾ تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا هٿ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ٻن صوبن سنڌ ۽ پنجاب ۾ تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا هٿ آيا آهن.

او جي ڊي سي ايل تيل ۽ گئس جي ڳولا ۽ پيداوار جي ڪوششن ۾ آهي، ڪمپني جي ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۽ پنجاب صوبي ۾ تيل ۽ گئس جي دريافت جي حوالي سان ڪاميابيون مليون آهن.

ترجمان موجب پهرين ڪاميابي سنڌ جي ضلعي ٽنڊي الهيار نم بلاڪ ۾ ملي، جتي نم کوهه ايسٽ – 1 مان روز 1400 بيرل تيل، جڏهن ته 5.02 ملين مڪعب ڪيوبڪ فٽ  (MMSCFD)   جا ذخيرا هٿ آيا.

او جي ڊي سي ايل کي ڪلچاس بلاڪ پنجاب صوبي ۾ ڪليري شم 1 تي گئس دريافت جي ٻي وڏي ڪاميابي ملي.

ترجمان موجب ڪچلاس ايڪسپلوريٽري لائسنس تحت او جي ڊي سي ايل ۽ ايم پي سي ايل 50،50 سيڪڙو جا جوائنٽ وينچر ڀائيوار آهن.

ڪلچاس بلاڪ ڪليري شم کوهه 1 مان 1.24 ملين مڪعب ڪيوبڪ فوٽ روز گئس جو ذخيرو هٿ ٿيو، جنهن کي مقامي وسيلن تي ڀاڙڻ جي حوالي سان اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.

او جي ڊي سي ايل ترجمان موجب نئين دريافت سان ڪمپني ۽ ملڪي تيل ۽ گئس جي ذخيرن ۾ ذڪر جوڳي واڌ ٿيندي، واڌ سان ملڪي توانائي جي گهرج ۽ پهچ جي فرق کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.