پ پ ۽ ن ليگ کي خوف هو ته مان جنرل فيض کي آرمي چيف لڳائيندس: عمران خان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مان ڪڏهن ميرٽ جي ڀڃڪڙي نه ڪئي، نومبر جو مهينو اچي ها ته ميرٽ تي آرمي چيف جي مقرري ڪيان ها.

اسلام آباد ۾ تقريب سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته هنن جو چوڻ هو عمران خان پنهنجو آرمي چيف رکرائيندو، مان ڪڏهن به نه سوچيو هو ته فلاڻي کي آرمي چيف بڻائيندس، مان ڪڏهن ميرٽ کان هٽي فيصلو نه ڪيو، ڪڏهن به ڪنهن دوست يا مائٽ کي ميرٽ کان هٽي نه لڳايو، مان ڪڏهن نه سوچيو هو ته پنهنجو آرمي چيف لڳائيندس، ادارن جو قتل عام ٿي رهيو آهي، انهن سڀني ادارن تي پنهنجا ماڻهو ويهاريا آهن.

هن چيو نواز شريف ته پنهنجي پسند جو آرمي چيف آندو هو، 26 سال اڳ چيو هو ته زرداري ۽ نواز شريف ٻئي چور آهن، ٻئي هڪٻئي بابت سچ چوندا هئا، مون کي ڪڏهن شڪ نه هو ته اقتدار ۾ ايندس ته اهي گڏ ٿي ويندا، انهن کي فوج، آءِ ايس آءِ کان خوف هوندو آهي، انهن کي خبر هوندي آهي ته سندن چوري پڪڙي ويندي.

سندس چوڻ هو ته عمران خان کي پنهنجي چوري ناهي بچائڻي، پنهنجو ڪو آرمي چيف ناهي آڻڻو، انهن کي خوف هو ته مان جنرل فيض کي آڻڻ چاهيان ٿو، انهن کي خوف هو ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته سندن مستقبل تباهه ٿي ويندو.

عمران خان چيو ته آمريڪا جڏهن رجيم چينج ڪندو آهي ته ڇا اهو بهتري لاءِ ڪندو آهي؟ آمريڪا رجيم چينج پنهنجي مفادن لاءِ ڪندو آهي، ڇا اسان آمريڪا کي پنهنجا اڏا ڏئي ڇڏيون؟ وزيرستان ۾ جڏهن فوج موڪلي وئي ته مان مخالفت ڪئي هئي، جنهن جاءِ تي هڪ فوجي يا هڪ چوڪي نه هئي، اتي فوج موڪلي ظلم ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.