حڪومت جون آءِ ايم ايف سان ڳالهايون جاري، ٽيڪس اوڳاڙين جو هدف وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهايون جاري آهن.

آءِ ايم ايف ترجمان موجب پاڪستاني اختيارين سان ڳالهيون جاري آهن ۽ ايندڙ بجيٽ بابت اهم اڳڀرائي ٿي آهي.

ترجمان چيو ته ايندڙ سال دوران ميڪرو اڪنامڪ استحڪام بهتر بڻائڻ وارين پاليسين تي ڳالهيون جاري آهن.

ذريعن موجب ايندڙ بجيٽ ۾ ٽيڪس اوڳاڙين جو هدف 7 هزار 5 ارب رُپين مان وڌائي 7 هزار 450 ارب رُپيا ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي، جڏهن ته ڪسٽم اوڳاڙي جو هدف 950 ارب رُپين مان وڌائي هڪ هزار 5 ارب رُپيا ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين تي هر مهيني 5 رپيا في ليٽر ليوي لاڳو ڪرڻ، جي ايس ٽي جي مد ۾ اوڳاڙين جو هدف 3 هزار 8 ارب رپين مان وڌائي 3 هزار 3 سئو ارب رپيا ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي.

ذريعن موجب انڪم ٽيڪس جي مد ۾ اوڳاڙين جو هدف 55 ارب رپيا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي جڏهن ته آءِ ايم ايف جو مطالبو آهي ته پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس 11 سيڪڙو جي وياج سان وصول ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.