ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ مسلسل واڌ کانپوءِ وڏي لاٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون  جي اگهه ۾ مسلسل واڌ کانپوءِ اڄ 1850 رپين جي وڏي لاٿ ٿي آهي.

سنڌ صرافا بازار جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1850 رپين جي لاٿ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جو اگهه هڪ لک 45 هزار 300 رپيا ٿي ويو آهي.

10 گرام سون جو اگهه 1586 رپيا گھٽ ٿي هڪ لک 24 هزار 571 رپيا آهي.

صرافا ايسوسيئيشن موجب عالمي بازار ۾ سون جو اگهه 6 ڊالر اضافي سان 1839 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.