چين معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون، 2.3 ارب ڊالر ڪجهه ڏينهن ۾ ملي ويندا : ناڻي وارو وزير

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته چيني ڪنسورشيم آف بئنڪس 2.3 ارب ڊالر قرض جي سهولت واري معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيو آهن.

مفتاح اسماعيل ٻڌايو ته پاڪستان طرفان قرض جي سهولت واري معاهدي تي گذريل ڏينهن صحيحون ڪيون ويون هيون.

ناڻي واري وزير موجب معاهدي تحت ڪجهه ڏينهن ۾ رقم پاڪستان کي ملي ويندي، سهولت فراهم ڪرڻ تي چيني حڪومت جا ٿورائتا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.