اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد، پنجاب ۽ پشاور سميت اترين علائقن ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.
ذريعن موجب ملتان، بکر، ڦاليه، ڪماليه، ڪوهاٽ، شبقدر، مهمند، مالاڪنڊ، سوات بونير ۾ پڻ رات دير سان زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا، انکانسواءِ ميانوالي، پاڪ پتڻ، ڀيرا ۾ پڻ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
امريڪي جيولاجيڪل سروي موجب زلزلي جي شدت 6 ڏهائي هڪ رڪارڊ ڪئي وئي،زلزلي جو مرڪز افغانستان جي صوبي خوست کان 44 ڪلوميٽر پري ڏکڻ اولهه ۾ هو
شهرين جو چوڻ آهي ته زلزلي جا لوڏا 30 کان 40 سيڪنڊن تائين محسوس ڪيا ويا.
واضح رهي ته زلزلي جي لوڏن جي نتيجي ۾ هنيئر تائين ڪنهن به جاني ۽ مالي نقصان جا اطلاع سامهون ناهن