سنڌ هاءِ ڪورٽ عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم وارو حڪم معطل ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم جو جوڊيشل مجسٽريٽ اوڀر جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو. عدالت عامر لياقت جي حسين جي پوسٽ مارٽم بابت منع نامي جو حڪم جاري ڪندي صحت واري سيڪريٽري ۽ ميڊيڪل بورڊ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

عامر لياقت جي پٽ ۽ ڌيءَ جوڊيشل مجسٽريٽ جي حڪم خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ آئيني درخواست داخل ڪئي هئي.

درخواست ۾ عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم روڪڻ ۽ درخواست تُرت ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت مختصر ٻڌڻي کانپوءِ عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم تي منع نامي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

عدالت جوڊيشل مجسٽريٽ اوڀر طرفان عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ واري فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو.

جوڊيشل مجسٽريٽ 18 جون تي عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم لاءِ قبر ڪُشائي جو حڪم ڏنو هو.

ٻئي پاسي عامر لياقت جي وارثن جي وڪيل ضياءَ اعواڻ ايڊووڪيٽ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي لڳي ٿو ته عامر لياقت جو موت ڊپريشن سبب ٿيو آهي، سندس خاندان ڊپريشن ڏيڻ وارن خلاف عدالت سان رابطو ڪندو.

هن چيو ته هڪ اڻڄاڻ عدالت ۾ وڃي ٿو ۽ پوسٽ مارٽم جو آرڊر حاصل ڪري وٺي، درخواست گذار چيو هو ته جائيداد جو تڪرار آهي.

ضياءَ اعواڻ ٻڌايو ته مجسٽريٽ ٻه دفعا باڊي جو جائزو ورتو آهي، پوليس چيو ته عامر لياقت جي جسم تي تشدد جا نشان ناهن، جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ جو معائنو پڻ ڪيو هو.

هن چيو ته بينظير ڀٽو ۽ لياقت علي خان جو به پوسٽ مارٽم نه ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.