گدلو پاڻي: سنڌ جو وڏو مسئلو آهي

ڊاڪٽر حليم مگسي

پيئڻ جو پاڻيءَ 21  هين صدي جو وڏو مسئلو آھي ـ ھن وقت ڪيئي ڪروڙ ماڻھو پيئڻ جي صاف پاڻيءَ کان محروم آھن ـ موسم جي تبديلي ڪري ڪيترن علائقن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خطرناڪ ٿيندي ٿي وڃي ـ  تنھنڪري پيئڻ جي پاڻيءَ کي محفوظ ڪرڻ جي مسئلي جو حل ضروري آھي ـ جيئن ته  تندرستي جو دارومدار پيئڻ جي پاڻيءَ تي آھي  تنھنڪري عالمي صحت جي اداري پيئڻ جي پاڻيءَ جي صفائي جو معيار مقرر ڪندي اهو مھيا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آھي ـ

بنگلاديش ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوھن ۾ سنکيو جي وڌيڪ ھجڻ ڪري بيماريون ۽ فوتگيون وڌي ويون آھن ـ عالمي صحت اداري مطابق دنيا ۾ 13 ڪروڙ ماڻھن تي سنکيو اثرانداز ٿيو آھي ـ سنڌ ۾ به  سنکيو جا اثر  خوفناڪ ٿي ويا آھن ـ

سنڌ ۾ پاڻيءَ جي موجوده  صورتحال 90 ۾ انور پيرزادي جي لکيل مضمون ”سنڌ ڌرتي جي خشڪ نڙي آلي ڪريو” کان مختلف نه  آھي ـ انور پيرزادي جا جر جي پاڻيءَ جي باري ۾ خَدشَا حقيقت ۾ تبديل ٿي ويا آھن ـ 31 سال گذرڻ کانپوءِ به  سنڌ ۾ ماڻھون نڙي آلي ڪرڻ جيتري لپ پاڻيءَ لاءِ سراپا احتجاج آھن ـ

”پاڻِيءَ مَٿي جهوپڙا مُورکَ اُڃَ مَرَنِ“ ـ  (شاهه ڀٽائي)

ــــ قدرتي طور تي پاڻي فضائي (Meteoric) ۽ غير فضائي (Non-meteoric) ٿئي ٿوـ فضائي پاڻي ٻاڦ مان ٺھي ٿو ـ جڏھن ته  غير فضائي پاڻي زير زمين پگهريل لاوا ۽ ڪايا پلٽ عمل جي دوران ڪيميائي ردعمل سان ٺھي ٿوـ پاڻيءَ ڌرتي جو واحد مادو آھي جيڪو گئس ، پاڻيٺ ۽ ٺوس حالت ۾ ملي ٿو ـ  آبي گولي ۾ پاڻيءَ جي موجودگي جي عمودي تھن جي ورھاست تحت وسڪاري (برسات ۽ برفباري) کي فضائي پاڻي (Atmosphere Water)، گليشيئر ، دائمي ڄميل زمين، ڍنڍ ، آبشار، چشمه  ندي، درياهه  ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ کي سطي پاڻي (Surface Water) ۽ زير زمين پاڻيءَ کي جر جو پاڻي (Aquifer Water or Ground Water) چئجي ٿوـ

جر جا ٻه  قسم ٿين ٿا ھڪ غيرمحدود جر (Unconfined Aquifer) ۽ ٻيو محدود جر (Confined Aquifer) ـ  فضائي پاڻي غير محدود جر جي ڀرجڻ جو وسيلو آھي ـ غير محدودي جر ۾ ٻيھر ڀرجڻ جي سھولت ھوندي آھي ـ   جڏھن ته  محدود جر ۾ فضائي پاڻي ۽ غير فضائي پاڻي ھوندو آھي ـ محدود جر ۾ فضائي پاڻي۽ سطحي پاڻيءَ پٿرن جي تھ ٺھڻ وقت ذرڙن جي وچ ۾ وٿي ۾ داخل ٿي جمع ٿيندو آھي ـ محدود جر جي ٻيھر ڀرجڻ جي سھولت نه  ھوندي آھي ـ

تازو پاڻي (Fresh Water) ، شفاف پاڻيءَ (Transparent Water) ۽ صاف پاڻي (Clean Water) ،کارو پاڻيءَ(Briskish Water) ۽ پيئڻ وارو پاڻي (Drinking water) پاڻيءَ جا مختلف اِصطلاحَ آھن ـ ھرھڪ جون پنھنجون صفتون آھن ـ درياهه ، ندي، آبشار، چشما ، برسات، ڊيم ، ڍنڍ ، برف ۽ دائمي ڄميل زمين  ۽ جر جي پاڻيءَ کي تازو پاڻي ۽ آٺريل پاڻي کي صاف پاڻيءَ چئجي ٿوـ جڏھن ته  شفاف پاڻيءَ بلڪل شيشي جھڙو ٿئي ٿو ـ جنھن مان ھر شئي نظر ايندي آھي جئين گلگت بلتستان ۾ نلتر ڍنڍ جو پاڻي آھي ـ نلتر ڍنڍ جي پاڻي ۾ اُسمان ۾ بادلن ۽ ڪناري جي ساوڪ جو عڪس آئني وانگر نظر ايندو آھي ـ کارو پاڻي سامونڊي پاڻي ۽ درياھي پاڻيءَ جي ميلاپ سان ٺھي ٿو ـ جيڪو سنڌ جي ڊيلٽا واري پٽي ۾ ٿئي ٿوـ ھنزه  وادي ۾ بورٽ ڍنڍ جو پاڻيءَ کارو آھي ـ سنڌ جي جر جو پاڻي به  گھڻو ڪري کارو آھي ـ

تازي، شفاف ۽ صاف پاڻيءَ ۾ موجود صحت لاءِ نقصانڪار جزا ۽ عنصر اک سان نظر نه  ايندا آھن تنھنڪري ھر پاڻيءَ کي عالمي صحت اداري (WHO) جي پيئڻ واري پاڻي لاءِ مقرر معيار مطابق ھجڻ جي تصديق ٿيڻ تائين، پيئڻ جو پاڻي چئي نه  ٿو سگھجي  ـ ڪجھه  پاڻيءَ قدرتي طورتي پيئڻ جي پاڻيءَ جي لائق ھوندا آھن ـ جن مان ڪجھه  کي معدنياتي پاڻيءَ(Mineral Water) سڏجي ٿوـ  ٻي صورت ۾ پاڻيءَ کي ھٿرادو طريقن سان عالمي صحت اداري جي معيار مطابق ڪري پيئڻ جو پاڻي ڪيو ويندوآھي ـ

پاڻيءَ جي گدلاڻ  ڇا آھي ؟ اُن جا ڪيترا قسم آھن ؟  ڪنھن پاڻيءَ ۾ ڪيميائي عنصر جي شامل ٿيڻ ۽ خورد حياتياتي جيوت جي وڌڻ کي پاڻيءَ جي گدلاڻ چئجي ٿوـ گدلاڻ  جا ٻه  قسم ٿين ٿا: ھڪ قدرتي گدلاڻ  (Natural) ۽ ٻي ھٿرادو(انساني) گدلاڻ  (Anthropogenic) ـ جڏھن ته  قدرتي گدلاڻ  به  ٻن قسمن جي ٿئي ٿي ـ ھڪ حياتياتي (Biogenic) ۽ ٻي ارضياتي (Geogenic) گدلاڻ  ـ  قدرتي گدلاڻ  ۾ حياتياتي عمل سان جراثيم ۽ وائرس وڌي پاڻيءَ کي صحت لاءِ نقصانڪار ڪن ٿا ـ جڏھن ارضياتي گدلاڻ  ۾ قدرتي طبعي ۽ ڪيميائي، حرارتي ۽ تابڪاري عمل پاڻيءَ کي مھلڪ ڪن ٿا ـ انتھروپُجينڪ (Anthropogenic) گدلاڻ  ۾ به  حياتياتي عمل ، طبعي ، ڪيميائي، حرارتي ۽ تابڪاري عمل پاڻيءَ کي وبا پيدا ڪندڙ ڪن ٿا ـ

ارضياتي ماھر جر جي پاڻيءَ کي ڳولڻ ۽ ارضياتي مواد جي جھڙوڪ، ننڊا عنصر (Trace elements) ، معدنيات، پٿرن، پاڻيءَ ، پيٽرول، ۽ ارضياتي عمل جھڙوڪ ٻرندڙ جبلن جي ڦاٽڻ، زلزلن ۽ مٽي سان صحت جي مسئلن تي ڪم ڪن ٿا ـ ان کي طبي ارضيات (Medical Geology) چئجي ٿوـ حياتياتي طب ۽ ماحولياتي محققن حياتياتي ۽ انساني سرگرمين جي گدلاڻ تي گھڻو مواد شايع ڪيو آھي ـ پر ارضياتي گدلاڻ  تي گهٽ مواد ملي ٿوـ تنھنڪري ارضياتي مواد جو پاڻيءَ جي گدلاڻ  جو تجزيو ڪرڻ جي اھميت آھي ـ اِن تي سنڌ ۾ ڪم گهٽ ٿئي پيوـ

پر سڀ کان پھريان پاڻيءَ جي ھڪ اھڙي حياتياتي گدلاڻ جو ذڪر لازمي آھي جنھن تي ڪم اسان جي ملڪ بلڪل نه  جي برابر آھي ـ ڳالھه گليشيئر ۽ دائمي ڄميل زمين ۾ خورد حياتياتي جيوت (Microorganism) جي موجودگي جي آھي ـ دنيا جي محققن گليشيئر ۽ دائمي ڄميل زمين ۾ وائرس ۽ جراثيم جي موجودگي کي دريافت ڪيو آھي ـ جيڪي ڪروڙن سالن کان گليشيئر ۽ دائمي ڄميل زمين ۾ ڄميل آھن ـ  گليشيئر ۽ دائمي ڄميل زمين جي رجڻ سان ڄميل وائرس ۽ جراثيم به  پگهرجي پاڻيءَ جي ڦڙي ۾ شامل ٿين ٿا ـ جيڪي نئين ماحول ۾ پنھنجي واڌ ڪري پاڻيءَ ۾ حياتياتي گدلائي ڦيلائن ٿا ـ اھڙي طرح پاڻيءَ جو پھريون ڦڙو گدلو ٿي وڃي ٿوـ گلگت بلتستان جي گليشيئر ۽ دائمي ڄميل زمين ۾به  ڄميل وائرس ۽ جراثيم موجود ٿي سگھن ٿا ـ جن کي معلوم ڪرڻ لاءِ اسلام آباد جي ھڪ يونيورسٽي 20 صدي جي ٻئي ڏھاڪي  ۾ ڪم شروع ڪيو ھو. اميد ته ھاڻي ڪم ڪندي ھوندي ـ  پر اُن سلسلي ۾ سنڌو درياهه  جي پاڻيءَ جي گدلاڻ تي ڪم نه  جي برابر آھي ـ

جبلن تي ھلندڙ تيز ھوائون ۽ برساتي پاڻي به  انھن سڀني عنصر کي درياهه  ۽ ڍنڍن جي پاڻيءَ تائين پھچائين ٿاـ جنھن ڪري پاڻي جي ارضياتي گدلاڻ  ٿئي ٿي ـ ان گدلاڻ سان به  وبائي بيماريون ٿين ٿيون ـ ان ارضياتي گدلاڻ جا ڪجھه  عنصر ھي آھن: سنکيو،  فلورين، ، لوهه ، ٽرامو،  ،جست، مينگنيز، ڪوبالٽ، ماليبڊنيم، ڪروميم، نڪل، ۽ قلعي ـ جڏھن ته  انسان جي سرگرمين سان مٿين عنصر سان گڏ شورو ، ڪلورائيڊ ،  ۽ سلفيٽ به  پاڻي ۾ شامل ٿي صحت کي نقصان پهچائيندڙ ڪن ٿا ـ

PCRWR  2020 جي رپورٽ مطابق سنڌ جي جر جي پاڻيءَ جو فقط 20 سڪيڙو پيئڻ جي لاءِ موزون آھي ـ PCRWR   2021 جي رپورٽ مطابق سنڌ جي شھرن جي پاڻيءَ جي صورتحال ھن ريت آھي : ڪراچي جو 93 سيڪڙو، حيدرآباد جو 80 سيڪڙو ، سکر جو 67 سيڪڙو، ميرپور خاص جو 100 سيڪڙو، ٽنڊو الھيار جو 57 سيڪڙو ۽ بينظيرآباد جو 100 سيڪڙو پاڻيءَ پيئڻ جي لائق نه  آھي ۽ بدين جي فقط ھڪ ذريعي جو پاڻي پيئڻ جي لائق آھي ـ اِھا شھرن جي صورتحال آھي   ته  پوءِ سنڌ جي ننڍن ، وڏن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي ڪھڙي صورتحال ھوندي ؟ جتي واھ، ڪينال، درياهه ، نلڪا ، کوھ ڍنڍ ۽ دُوٻَا پيئڻ جي پاڻيءَ جا ذريعا آھن ـ

لپ پاڻي جو منتظر سنڌ جو ماڻھو پنھنجي سُڪل چپن کي آلو ڪرڻ لاءِ ھر پاڻيءَ کي، پيئڻ جو پاڻي سمجھي استعمال ڪري ٿو ـ سنڌ جي ماڻھو کي فقط پاڻي کپي پوءِ ڀلي ڪھڙو به  ھجي ـ  شايد اِن ڪري سنڌ جا ماڻھو درياهه  ۽ ڍنڍن جي پاڻيءَ ۾ ھٿ سان گندي پاڻيءَ  کي ڇڏڻ سان ٿيندڙ گدلاڻ  جي خلاف ڪڏھن به  سراپا احتجاج نه  ٿيا آھن ـ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.