سرڪار عوام کي جمهوري حق ڏيڻ ۾ ناڪام ڇو ؟

بلوچ شاگردن کي کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو رڪجڻ بجاءِ وڌي ويو آهي،جنهن ڪري بلوچستان سان تعلق رکندڙ نوجوان خوف ۾ وٺجي ويا آهن. ملڪ جون اعليٰ اختياريون هن مسئلي کي حل ڪرڻ بجاءِ ان کان نٽائڻ جي روش ۾ رڌل آهن.

ڪراچي جي سول سوسائٽي سان تعلق رکندڙ عورتن ان سلسلي ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪري اهڙي عمل جي مذمت ڪئي آهي.ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾  بلوچ نوجوانن ۽ بلوچ عورتن پاران گم ٿيل شاگردن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪندڙن تي سنڌ پوليس طرفان  بي رحماڻي تشدد جي به نندا ڪئي وئي.سماجي اڳواڻ عورتن انيس هارون، عظميٰ نوراني، مهنار رحمان، سارا زمان، نغما شيخ ۽ ساجده بلوچ سنڌ سرڪار جي روئي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته عورتن ۽ شاگردن کي گهلي پوليس وين ۾ اڇلائڻ جي وڊيو ۾ چٽي طرح انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿيندي نظر اچي رهي آهي.

عورت اڳواڻن جو چوڻ هو ته مهلب بلوچ جيڪا پنهنجي کنڀجي ويل پيءُ جي آزاديءَ لاءِ تحريڪ هلائي رهي آهي، ان کي ٿاڻي تي پوليس چنبا هنيا ۽ تشدد ڪيو.اهڙي عمل مان جمهوريت جي دعويدار سنڌ حڪومت جي پت وائکي ٿي وئي آهي،عورت اڳواڻن  چيو ته  شهيد بينظير ڀٽو هميشه عورتن جي حقن کي ترجيح ڏني پر اڄ پيپلزپارٽي جي دور ۾ عورتن تي اهڙي طرح تشدد ڪرڻ بينظير جي سياست جي ابتڙ عمل آهي. هنن سنڌ سرڪار کي عورتن تي تشدد جي لاءِ ذميوار قرار ڏنو.

سموري ملڪ ۾ بلوچ شاگردن کي کنڀي گم ڪرڻ جو عمل جاري آهي، بي بي سي ايمان مزاري

جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته اسان بلوچستان سان تعلق رکندڙ 31 شاگردن جا نالا سامهون آڻي چڪا آهيون. جيڪي جبري طور تي لاپتا ڪيا ويا آهن.

گذريل ڪجهه مهينن کان  بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي آهي جنهن کانپوءِ  ملڪ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ تعليم پرائيندڙ بلوچ شاگردن طرفان احتجاج جو سلسلو وڌي ويو آهي. جنهن بعد رياستي قوتن هنن خلاف مهم شروع ڪئي آهي جنهن دوران ڪيترن ئي شاگردن کي مختلف تعليمي ادارن مان کنڀي گم ڪيو ويو  آهي.

جبري گمشدگي خلاف راولپنڊي ۾ بلوچ اسٽوڊنٽس ڪائونسل پاران احتجاجي ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن به شاگرد خلاف ڪي ثبوت يا ثابتيون آهن ته انهن کي ملڪ جي آئين ۽ قانون تحت عدالت جي ڪٽهڙي آندو وڃي.هنن جو چوڻ هو ته بلوچ شاگردن سان اهڙي روئي سبب هو خوف کان تعليم ڏانهن به ڌيان نه پيا ڏئي سگهن.

بلوچ شاگردن جو اغوا ٿيڻ يا گم ڪرڻ وارو مسئلو  پاڪستان ۾ هڪ ڊگهي تاريخ رکي ٿو.   2020 ۾ جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 1980 ۽ 2019 جي وچ ۾  مبينا طور گمشدگين جا 1144 ڪيس سامهون آيا، گمشدگين جا سڀني کان وڌيڪ واقعا 2015 کان 2016 جي وچ ۾ ٿيا آهن.جڏهن ته انهن مان 731 ڪيس 2019 تائين واضح ناهن ٿيا.

هڪ ڏهاڪي کان بلوچن جي پر اسرار گم ٿيڻ جا واقعا وڌي ويا آهن،جنهن خلاف بلوچستان جو عوام توڙي گم ٿيلن جا وارثن انهن جي ظاهر ڪرڻ ۽ انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪرڻ جي لاءِ قانون جي عدالتن جو دروازو کڙڪائي رهيا آهن ته وري اهي پرامن احتجاج ڪري گم ٿيلن لاءِ آواز اٿاري رهيا آهن، پر هر ڀيري ۽ هر فورم تي انهن جي آواز تي ڪا به ڌر ڪن ڌرڻ جي لاءِ تيار نه آهي.

اها به حقيقت آهي ته ڊگهي عرصي کان هلندڙ بلوچ بغاوت جي پويان رياستي جبر، معاشي پسماندگي ۽ صوبائي تعصب جي به هڪ تاريخ آهي.متاثرن جي خاندانن سميت سياسي سماجي حلقن جو رياست تي الزام آهي ته اها انصاف ۽ احتساب جو هڪ انصاف ڀريو  نظام قائم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. اهڙو عمل نه رڳو هڪ ڪاوڙ  کي جنم ڏئي رهيو آهي پر اهو هاڻي هڪ  خطرناڪ موڙ تي پهچي ويو آهي.

بلوچستان جو هي معاملو گهڻو اهم آهي ۽ حڪومت ۾ شامل سمورين ڌرين کان اها تقاضا ڪري ٿو ته هن حساس معاملي کي نبيرڻ جي لاءِ ملڪي سطح تي جوڳي پيش رفت ڪئي وڃي. جڏهن هن ملڪ ۾ آئين آهي ۽ قانون جي حڪمراني جي به دعويٰ ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ قانون کان مٿڀرا قدم ڪير کڻي رهيو آهي ؟ آخر ها ڪهڙي طاقت آهي جيڪا  بنا ڪنهن جواز ۽ سبب جي کنڀي گم ڪيل شاگردن کي عدالت جي ڪٽهڙي م نٿي آڻڻ ڏئي ؟

انساني حقن جي احترام ۾ ويساهه رکندڙ سياسي سماجي ڌريون اهو سوال ڪن ٿيون ته جيڪڏهن ملڪ ۽ سمورن صوبن جي ماڻهن لاءِ هڪجهڙو قانون آهي ته پوءِ بلوچستان جي ماڻهن کي انهيءَ قانون موجب حق ڇو نٿا ملن ؟

سياسي اتحادي حڪومت ۾ مسلم ليگ ن ليڊ ڪندڙ پارٽي آهي جڏهن ته ملڪ جو لڳ ڀڳ سموريون پارٽيون هن سرڪار جو حصو آهن، موجوده سرڪار جڏهن مختلف معاملن تي ڳالهين جي لاءِ آڇ ڏيندي رهي ٿي ته ڇا هن وقت موجوده سرڪار انهن گم ٿيل بلوچ شاگردن جي هن حساس مسئلي تي اهڙو ڪو قدم کڻڻ کان چو لهرائي رهي آهي ؟

اسان سمجهون ٿا ته جيڪا ڌر اقتدار تي ويٺل هوندي آهي عوام ته ان کان ئي اها توقع ڪندو آهي ته اها هنن جي ڏکن سورن جي ڳالهه ٻڌي ۽ انهن کي نبيرڻ جي ڪوشش ڪري، يا ته وري اها سرڪار بنا دير جي اهو اعلان ڪري ته اها هن ملڪ جي آئيني طور تي حڪمراني ڪندڙ حڪومت ته آهي پر وٽس اهڙا ڪي به اختيار نه آهن ته اها پنهنجي شهرين کي گم ٿيڻ کان بچائي سگهي، گڏوگڏ سرڪارکي اهو پڻ چٽو ڪرڻ گهرجي تي هن ملڪ ۾ حڪومت ڪندڙ حڪومت کان علاوه به ڪا طاقتور ڌر آهي جيڪا ئي اصل ۾ ملڪ تي حڪمران آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.