گڏيل حڪومت پاران نيب قانون ۾ ڪيل ڪجهه ترميمون

حاڪم نصيراڻي

صدر مملڪت ايڪي ۽ ٻڌي جي علامت هوندو آهي ڇو ته سندس چونڊ چئن صوبن مان ٿيندي آھي. اسان وٽ صدر هميشه اڪثريتي پارٽي جو ئي ڪو ماڻھو چونڊيو ويندو آھي. صدر جي عهدي سنڀالڻ کان پوءِ اخلاقي طور تي اهو ماڻھو سياسي وفادارين کان مٿاهون ٿي جمهوريت جي بقا لاءِ  ڪم ڪندو آھي پر افسوس اسان جو هاڻوڪو صدر مملڪت عارف علوي ملڪ جي صدر بدران تحريڪ انصاف جي ڪارڪن طور پنهنجي بقا جي جنگ وڙھي رهيو آھي. وزيراعظم ۽ ڪابينه جي حلف برداري هجي يا پنجاب جي گورنر جي مقرري يا اسيمبلي مان پاس ترميمي بلن تي صحيح ڪرڻ وارو معاملو هجي ڊاڪٽر عارف علوي وفاق بدران پارٽي سان سچائي جو وچن ورجايو.

جڏھن به ملڪ ۾ ڪا حڪومت تبديل ٿيندي آھي نئين حڪومت اچڻ سان پراڻي حڪومت جي ڦر لٽ بدعنوانين ۽ نالائقين کي ڳڻائي ڳڻائي ملڪ جي خالي خزاني ۽ ڏيوالپڻي جو راڳ آلاپڻ شروع ڪري ڏيندي آھي سو ملڪي خزاني کي لٽيندڙ قومي غدارن کان لٽيل رقم جي واپسيءَ جو نعرو هڻي غريب عوام کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪندي آھي ۽ پنهنجي فيصلن لاءِ  همدرديون ۽ حمايت وٺڻ جي ڪوشش به ڪندي آھي. گهڻو ماضي جي قبرن کي نه ٿا کوٽيون بس صرف 90 ۾ نواز شريف پاران قائم ٿيندڙ احتساب ڪميشن کان شروع ڪيون ته ان وقت سيف الرحمٰن سياسي مخالفن لاءِ  دهشت جي علامت بڻيل هو. سيف الرحمٰن پنهنجي سياسي مخالفن ۽ انهن جي حمايتن کي جنهن انداز سان تنگ ڪيو ان جا مثال ماضي ۾ ملڻ مشڪل هئا.

احتساب ڪميشن هڪ جديد قسم جو فورس هئي جنهن جو اصل مقصد سياسي وفاداريون تبديل ڪرڻ ۽ مخالفن کي پنهنجي پيرن هيٺان چيڀاٽڻ هو. اها هڪ ٻي ڳالهھ آھي جو بعد ۾ ان ساڳي سيف الرحمٰن آصف علي زرداري جي پيرن ۾ ڪري معافي ورتي هئي. ان کان پوءِ 12 آڪٽوبر 1999 تي جڏھن پرويز مشرف ملڪ ۾ آمريت مڙھي تڏھن به هن ساڳيون پراڻيون ڳالهيون ورجائي نواز سرڪار کي بي ايمان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. لڳ ڀڳ هڪ مهيني کان پوءِ 16 نومبر 1999 تي سياسي ماڻھن واپاري طبقي صنعتڪارن ٺيڪيدارن ۽ آفيسرن کي پنهنجي ريڊار تي آڻڻ لاءِ  نيب جهڙو ادارو قائم ڪري ملڪ ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو.

نيب جي قيام کان پوءِ نواز ليگ ۽ پ پ جي اڳواڻن جو اهڙو ته ضمير جاڳيو جو انهن ملڪي جي وسيع تر مفادن ڪاڻ پنهنجيون سياسي وفاداريون تبديل ڪري ق ليگ جهڙي پارٽي کي عزت بخشي ملڪ جي خدمت ڪئي. نيب سياسي مخالفن لاءِ  هڪ ڀيانڪ خواب بڻجي ويو. پرويز مشرف جي عتاب هيٺ وفاداريون تبديل نه ڪندڙ نواز ليگ پ پ ۽ ٻين نافرمان پارٽين جا اڳواڻ رهيا. انهن ڏينهن ۾ پ پ ۽ نواز ليگ نيب کي ڪارو قانون سڏينديون رهيون آھن پر جڏھن 2008 ۾ پ پ کي حڪومت ملي تڏھن پ پ سرڪار نوازليگ سان ملي نيب کي ختم نه ڪيو جڏهن ته پ پ ۽ نوازليگ ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪري چڪيون هيون ان وقت خبر ناهي پ پ نيب کي ڪهڙن مقصدن خاطر ختم نه ڪيو؟ ان کان پوءِ 2013 ۾ نوازليگ اقتدار ۾ آئي تڏھن ميان صاحب به اها جرئت نه ڪئي جو نيب جهڙي بدنام زمانه اداري کي بند ڪري ها. ڏٺو وڃي ته نيب جي ڪري نواز ليگ کي سياسي طور تمام گهڻو نقصان پهتو هو ۽ نواز ليگ نيب جي شروع کان وٺي مخالف رهي آھي پر نواز ليگ نيب کي ختم ڪرڻ بدران ڪجھه سخت ترميمون ڪري سندس طاقت جو دائرو وسيع ڪيو. نواز دور ۾ عمران خان نيب چيئرمين جي مقرريءَ خلاف وڏي واويلا ڪئي هئي ايتري قدر جو نيب چيئرمين جي مقرريءَ کي پ پ ۽ نوازليگ وچ ۾ مڪ مڪا جو نالو به ڏنو هو. جڏھن اقتدار جي ديوي عمران خان تي مهربان ٿي ته نيب چيئرمين کي هٽائڻ بدران کيس قابل آفيسر سمجهڻ لڳو.

عمران خان تبديلي ۽ ڪڙي احتساب جو نعرو کڻي ميدان ۾ لٿو تڏھن ڪجھه دير لاءِ  عوام سمجهيو ته شايد ملڪ جون واڳون اصل ڌڻي جي هٿن ۾ اچي ويون. موروثي سياست جو خاتمو ٿيندي نظر آيو ملڪ کي لٽيندڙ اڳواڻن جا کيسا خالي ٿيندي نظر پئي آيا پر افسوس جو وري به ساڳيا لاٽون ساڳيا چڳهه نظر آيا. عمران خان جي دور ۾ نيب ملڪ جي ٽاپ ليڊرشپ کي پنهنجي حراست ۾ رکيو مهينن جا مهينا اهي اڳواڻ بنا ڪنهن ثبوت جي تذليل جو نشانو ٿيندا رهيا.

نيب جي ڪارڪردگيءَ جو جيڪڏھن تفصيلي جائزو وٺون ته اسان کي تسلي بخش ڪارڪردگي نظر نه ايندي پر سندس خوف گهڻن جون متيون ضرور منجهائي ڇڏيون هيون. نيب ڪنهن به ماڻھوءَ کي سزا نه ڏياري سگهي. نيب جي حراست مان نڪتل ماڻھن جنهن قسم جون دانهون پئي ڪيون ان مان اهو لڳي پيو ته  نيب ڄڻ حڪومت جو هڪ عقوبت خانو آھي جيڪو صرف مخالفن کي ذليل ڪرڻ لاءِ  ڪارروايون ڪندو هو. مريم نواز ته واش روم ۾ ڪيمرا هجڻ جو انڪشاف ڪيو هو. نيب کي اهو اختيار هو جو ڪنهن به جوابدار جو ٽن مهينن تائين رمانڊ وٺي سگهي پئي. هاڻي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ٽي مهينا جيڪو ماڻھو ڪنهن اداري جي تحويل ۾ ھجي نفسياتي طور تي ان ماڻھو جي ڪهڙي ڪيفيت هوندي؟. نيب جي تحويل ۾ صرف سياستدان نه پر بيوروڪريٽ هائوسنگ سوسائيٽيز ڪمپنين جا مالڪ ۽ ٺيڪيدار به  رهيا. سياستدان ته پنهنجا ڏکيا سکيا ڏينهن ڪٽي پيا وڃن يا وري حڪومتي هنج ۾ ويهي پنهنجي لاءِ  سڪون تلاش ڪندا رهيا پر ٻيا ماڻھو ڪوڙ يا سچ تي “ڏنو پٽ ڇٽي جو“ سهارو وٺي نڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا نتيجو اهو نڪتو جو عمران خان جي دور ۾ جيڪي ترقياتي ڪم ٿيڻ گهرجن ها، اهي نيب جي خوف کان نه ٿي سگهيا.

هاڻي گڏيل سرڪار ماضيءَ جي تجربن مان سبق حاصل ڪندي نيب قانونن ۾ ڪجهھ ترميمون ڪيون آھن. هاڻي نيب ڪنهن به ملزم کي گرفتار ڪري 24 ڪلاڪن ۾ عدالت ۾ پيش ڪندي . ڪيس داخل ٿيڻ سان ڪنهن به ملزم کي ايستائين گرفتار نه ڪيو ويندو جيستائين  ڪي جوڳا ثبوت نه ٿا ملن. نئين ترميم مطابق رمانڊ ھاڻي صرف 14 ڏينهن جو هوندو. مهيني ۾ جوابدار کي اپيل جو حق حاصل هوندو. ڇهن مهينن کان وڌيڪ ڪنهن به ڪيس جي ڇنڊڇاڻ نه ٿيندي. ججز جي مقرريءَ لاءِ  ھائي ڪورٽ سان صلاح مشورو ضروري آھي. ڪوڙو ڪيس ڪندڙ کي پنج سال سزا به ڏني ويندي. احتساب چيئرمين جو مدو ٽي سال هوندو.

نيب کان سواءِ ملڪ ۾ ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن ايف بي آر جهڙا ادارا به موجود آھن پر انهن ادارن مان ملڪ کي اهو هڙ حاصل نه پيو ٿئي جنهن مقصد لاءِ  اهي ادارا جوڙيا ويا آھن. ها باقي ڪرپشن کي روڪيندڙ ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻھن مان اڪثريت کي اها خبر ناهي ته سندن ملڪيت ڪيتري آھي. ادارن جي ڪارڪردگي کي ڏسون ته نتيجو ٻڙي آھي. اهڙيءَ ريت ملڪ کي تماشو بڻايو ويو آھي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.