پاڪستاني کاٻي ڌر جو ذهني مونجهارو ۽ کانئُن هڪ سوال

خالد سعيد

هڪڙي حوصلو وڌائيندڙ  خبر اها آهي ته اسلام آباد جي نيشنل پريس ڪلب ۾ قومپرست، ترقي پسند ۽ کاٻي ڌر جي پارٽين جي ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ وزيراعظم، ڪابينا جي ميمبرن، پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ عدليه جي رعايتن ۽ دفاعي خرچن سميت سمورن غير ترقياتي خرچن  گهٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.هن ڪانفرنس جو انتظام ڪميونسٽ پارٽيءَ پاڪستان ڪيو هو.هن ڪانفرنس ۾ ڪميونسٽ پارٽي، پاڪستان مزدور ڪسان پارٽي، پاڪستان انقلابي پارٽي، پاڪستان نيشنل پارٽي، عوامي تحريڪ، عوامي جمهوري پارٽي، جيئي سنڌ محاذ،پاڪستان مزدور محاذ ۽ پاڪستان سرائيڪي پارٽي سميت 13 پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل امداد قاضي خطاب ڪندي چيو ته ڪانفرنس جو مقصد مزدورن ۽ عام ماڻهن لاءِ متبادل گڏيل سياسي فورم جوڙڻ آهي.

ٻي خبر هي آهي  ته حيدرآباد ۾ کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ نون (9) جماعتن  تبديليءَ جي جدوجهد شروع ڪرڻ لاءِ ڇهن نڪتن تي اتفاق ڪندي ”سنڌ ليفٽ الائينس “ جي نالي سان متحد ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ترقي پسند اڳواڻن ڪامريڊ ضياءَ ۽ سندس ساٿين مسرور شاهه، لعل شاهه، ايسر داس ۽ تاج مريءَ  ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ۾ جيتوڻيڪ  ان جا پاسا ته نه ٻڌايا بهرحال هنن چيو ته  ساڄي ڌر جي قيادت هميشه ان ڳالهه جي نفي ڪئي آهي ته پاڪستان، مختلف قومن جي رياست آهي ۽ اهو به ته پاڪستاني قومپرستي جي نالي تي مذهب کي استعمال ڪيو ويو، ان رجحان  جي نتيجي ۾ وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي وئي، سياسي ڪارڪنن کي غائب ڪيو ويو ۽ جمهوريت جي آڙ ۾ عوام مٿان  سرمائيدار ۽ جاگيردار مڙهيا ويا.

جيڪڏهن ٺهرائن ۽ مطالبن سان ڪا تبديلي اچي ها ته هينئر تائين اچي چڪي هجي ها، پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ ٻه درجن اهڙيون تنظيمون يا پارٽيون آهن جيڪي کاٻي ڌر جي هئڻ جي دعويٰ ڪن ٿيون،بي شڪ ستر جي ڏهاڪي تائين کاٻي ڌر جرئت ۽ بهادري سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.ان جو وڏو سبب شاگرد تنظيمن ۽ ٽريڊ يونينن ۾ ان جو مضبوط بنياد هو. اسان کي ان ڳالهه تي غور ڪرڻ گهرجي ته ان بنياد سان تعلق ڇو ٽٽي ويو ۽بعد ۾  ان تعلق  کي ڊگھي عرصي ۾ سڌارڻ جي ڪا به سنجيده ڪوشش ڇو نه ڪئي وئي؟کاٻي ڌر کي ٻيهر فعال بڻائڻ جي لاءِ شاگردن، مزدورن ۽ هارين ۾ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ عالمي سطح تي ٿيندڙ تبديلين جو حقيقي جائزو وٺڻو پوندو جنهن سان پاڪستان  متاثرٿيو آهي.

منهنجي خيال ۾ ترقي پسند اڳواڻ  ان حقيقت کان چڱي ريت آگاهه آهن  ته تاريخ جي هن مرحلي تي اسان کي پراڻن حوالن تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن وقت پاڪستان انقلابي نه پر ارتقائي دور  مان گذري رهيو آهي،  تنهنڪري ترقي پسند قوتن کي ،معاشري جو ان انداز سان تجزيو ڪرڻ گهرجي  جنهن سان پورهيت عوام کي فوري ۽ مختصر مدت جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي .اسان جو ماضيءَ جو تجربو ڏيکاري ٿو ته سوشلسٽ انقلاب جي خواب جي ڪري عوام جا تڪڙا مسئلا گهڻي دير تائين ملتوي نٿا ڪري سگهجن، هاڻي هو پنهنجن مسئلن جو حل چاهين ٿا،ڪنهن ٻئي عظيم انقلاب جي ڳالهه اسان جي ماڻهن جي ذهن تي اثر نٿي  ڪري.۽ ان سوچ پاڪستان جي پورهيت عوام کان کاٻي ڌر کي ڌار ڪري ڇڏيو آهي.

ان جو مطلب اهو ناهي ته سماج جي استحصالي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ واري ڊگهي مدي واري مقصد کي وساري ڇڏجي، اهو مقصد هڪ ڊگهي مدي وارو مقصد آهي، جڏهن کاٻي ڌر سرمائيداري ۽ گلوبلائيزيشن جي اڀار جي باري ۾ ان خوش خياليءَ سان سوچي ٿي ته پاڪستان جي پورهيت عوام کي ڪنهن متبادل جماعت  طور پيش ڪيو وڃي،جيئن  ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل امداد قاضي  ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾  چيو ته ڪميونسٽ منشور جو  نئين سر جائزو وٺڻ مناسب هوندو.

مارڪس ۽ اينگلس 1948ع ۾ عالمي سرمائيداري ۽ گلوبلائيزيشن جي اڻٽر  اڀار جي اڳڪٿي ڪندي چيو هو ته ”پيداوار ۾ مسلسل انقلاب، سماجي حالتن ۾ مسلسل بگاڙ، مستقل بي يقيني ۽ بي چيني، بورجوازي عهد کي اڳين سمورن دورن  کان نمايان  ڪري ڇڏيو آهي. ماضيءَ جا سمورا مجمند ٿيل  لاڳاپا پنهنجي  قديم تعصب ۽ سوچ سان گڏ هليا ويندا آهن……. پيداوار لاءِ مسلسل وڌندڙ منڊي  جي ضرورت پوري دنيا تي بورجوازي جو پيڇو ڪري ٿي،اها ضرورت هر جاءِ تي موجود آهي، محفوظ هجڻ گهرجي ۽ هر جڳهه ان جا رابطا هئڻ گهرجن.

اسان ڪيئن اهو فيصلو ڪريون ته ملڪ جي موجوده معاشي ڍانچي ۽ گلوبلائيزيشن ۾ ڪهڙي شيءِ عوام جي لاءِ بهتر ۽ ان جي مفاد ۾ نه آهي؟کاٻي ڌر جي لاءِ شايد بهترين انداز فڪر اهو آهي ته اها پهرين ملڪ ۾ موجود اقصادي ڍانچي ۽  ان جي عنصرن جو تجزيو ڪري، ان جي نشاندهي ڪريون ته اسان ڪنهن سان گڏجي ڪري مزدورن لاءِ  ڪم ڪري سگهون ٿا،ان کان پوءِ انهن  معاشي پاليسين جي باري ۾ سوچڻ گهرجي،جن سان ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ  ۽ غربت کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.

جيڪڏهن سڀ ڪجهه اسان جي خواهش موجب نه ٿي رهيو هجي ته اسان کي شڪ نه ڪرڻ گهرجي ،اسان ڏسي رهيا آهيون ته مالياتي منڊي جو موجوده بحران سرمائيداراڻي نظام لاءِ هڪ وڏو ڌڪ ثابت ٿيو  آهي بينڪن ۽ معيشت کي بچائڻ جي لاءِ ترقي ڪيل ملڪن کي  مداخلت ڪرڻي پئي آهي، پر اسان کي تڪڙ ۾ اهو نتيجو نه ڪڍڻ گهرجي ته سرمائيدار نظام ختم ٿي چڪو آهي.هن نظام ۾ اهڙي لچڪ آهي ته هو ڪيترن ئي جھٽڪن کان پوءِ به پنهنجي جاءِ تي واپس اچي سگهي ٿو، جيئن ڪيترن ئي بحرانن کان پوءِ ٿيندو رهيو آهي.

هاڻي  ترقي پسند قوتن جي اڳيان سوال هي آهي ته: ڇا اسان هميشه اها واويلا  ڪري سگهون ٿا  ته هن دنيا ۾ ڇا خراب آهي؟، ڇا غريبن کي اهو ٻڌائي ڇڏڻ ڪافي آهي ته اسان سرمائيداري نظام کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيون ۽ پنهنجي نجات جو انتظار ڪندا رهون جيستائين توهان جو سوشلسٽ انقلاب نٿو اچي وڃي؟اسان اهو انقلاب عوام کي ڏيڻ ۾ ناڪام ويا آهيون، جن سماجن ۾ انقلاب ڪامياب ٿيو، عوام ان کي برقرار رکڻ ۾ ناڪام ٿي ويو، ان جو وڏو سبب اهو هو ته سماج اهڙين بيورو ڪريٽڪ رياستن ۾ تبديل ٿي ويا جتي اختيار هڪ مرڪز  ۾ اچي ٿي ويا.ان پس منظر ۾ کاٻي ڌر کي پاڻ کان اهو سوال ڪرڻ گهرجي ته جيڪي ماڻهو  هاڻي انهن سان گڏ  شامل ٿي رهيا آهن انهن جي اطمينان لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي آهي؟هاڻي“ واري نڪتي کي گهڻي اهميت حاصل آهي، دنيا تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهي آهي، پراڻا تصور  ختم ٿي رهيا آهن،دنيا صنعتي معاشري جي حوالن جي مقابلي ۾ گهڻو تيزيءَ سان اڳيان وڌي رهي آهي، محنت جي نئين ورهاڱي کي سائبر رفتار سان طئي ڪيو پيو وڃي، اڄ جي جديد ٽيڪنالاجيءَ ان دور جڏهن مارڪس ۽ اينگلز ان جو نوٽس ورتو هو ان جي مقابلي ۾ گهڻي تيز رفتاري سان پيداواري لاڳاپا تبديل ڪري رهي آهي. ان ڪري کاٻي ڌر کي پنهنجي حڪمت عملي ۽ طريقي کي نئين سري سان ترتيب ڏيڻ گهرجي، ان تي ٻيهر غور ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن مسئلن کي دليل بدران تنگ نظريءَ سان ڏٺو ويو  ته کاٻي ڌر اڄ جتي آهي اتي ئي رهندي.

دل نا امید تو نہیں ناکام ہی تو ہے

لمبی ہے غم کی شام مگر شام ہی تو ہے  (فیض)

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.