جيڪب آباد ۾ نوجوان جو تشدد ٿيل لاش گندي پاڻي جي تلا مان هٿ

جيڪب آباد(رپورٽ: سڪندر علي سرڪي ) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد ڳڙھي سٻايو ڀرسان گندي پاڻي جي تلا مان مبينا تشدد ٿيل لاش مليو، علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس پھچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، لاش جي سڃاڻپ محمد حنيف ولد محمد رحيم بروھي جي نالي سان ڪئي وئي، جيڪو ويگنن جو اسٽاٽر هوپوليس موجب نوجوان کي مٿي تي ڌڪ جا نشان آھن، وڌيڪ خبر ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد پئجي سگهي ٿي،نوجوان جي ڀاءُ اقبال بروھي ٻڌايو ته اسان جو ڀاءُ مستانو ھو جيڪو خبر ناھي الائي ڪيئن فوت ٿيو، اسان جي ڪنھن سان دشمني ناھي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.