ڪراچي ۾ بجلي لوڊشيڊنگ 4 ڪلاڪن مان وڌي 14 ڪلاڪ ٿي وئي

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي، لوڊشيڊنگ جو سلسلو 4 ڪلاڪن مان وڌي 14 ڪلاڪن تي پهچي ويو آهي، ڪراچي جي کارادر، لياري، ڪياماڙي، ڪورنگي، اورنگي، لانڍي، سرجاڻي، قائدآباد، نيو ڪراچي، نارٿ ناظم آباد، لياقت آباد، گلستان جوهر ۽ اسڪيم 33 سميت ٻين علائقن ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جاري آهي، شهرين جو چوڻ آهي ته سڄو ڏينهن بجلي غائب آهي، ڪجهه ڪلاڪ هلي ٿي، جنهن بعد آڌي رات جو بجلي بند ڪئي وڃي ٿي، ٻي طرف ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گرمي ۾ واڌ سبب بجلي جي کپت ۾ واڌ ٿي آهي، ڪراچي ۾ ڪٿي به اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ نه پئي ٿئي. ٻي طرف اين ٽي ڊي سي جو چوڻ آهي ته موسم ۾ بهتري اچڻ سان ملڪ ۾ شارٽ فال گهٽجي 5 هزار ميگاواٽ ٿي ويو آهي، جنهن بعد لوڊشيڊنگ ۾ به گهٽتائي آئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.