ڊينگي پروگرام جي ملازمن کي نوڪرين مان نيڪالي، احتجاج

ڪراچي / پيرجوڳوٺ (نمائندا) صحت کاتي ڊينگي پروگرام جي ملازمن کي نوڪرين مان نيڪالي جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان ڊي جي ڊاڪٽر جمن 61 ملازمن کي نوڪرين مان نيڪالي جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي، انهن ملازمن کي مختلف ضلعن ۾ ڪانٽريڪٽي بنيادن تي 2017ع ۾ ڀرتي ڪيو ويو هو، ملازمن جو چوڻ آهي ته ڊي جي اسان کي نيڪالي ڏئي پنهنجا من پسند ماڻهو ڀرتي ڪرڻ چاهي ٿو، حڪم نامو جاري ٿيڻ کانپوءِ پوري سنڌ اندر ڊينگي جي ملازمن احتجاجي مظاھرا شروع ڪري ڏنا آهن، خيرپور ميرس جي ڊينگي ڪنٽرول ملازمن پريس ڪلب پير جو ڳوٺ پھچي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته نوڪرين مان فارغ ڪرڻ جو فيصلو ملازمن سان سراسر ظلم ۽ زيادتي آهي، اسان جو ڪيس ڪورٽ اندر هلندڙ آهي جنھن جو فيصلو اڃا تائين نه آيو آهي، اسان وس وارن بالا آفيسرن کي ـ چيف جسٽس سنڌ ـ وزير اعلي سنڌ ـ سيڪريٽري صحت  ـ وزير صحت سنڌ کي اپيل ٿا ڪريون ته  خدارا اسان جي  ٻچن جو روزگار  اسان کان نه  کسيو وڃي، اسان جي  نوڪرين کي بحال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پوري سنڌ اندر احتجاج ڪري ڌرڻا ويـندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.