ڳاڙھي ۾ ٻارڙي سان لڄالٽ، 2 جوابدار گرفتار، جرڳو، 2 نياڻيون چٽي ڏيڻ جي فتويٰ

گھوڙاٻاري/ ڪي ٽي بندر (رپورٽ: سيد امير شاھ ڀاڏائي+ الياس سمون) ڳاڙھو شهر  جي ميمڻ پاڙي ۾ ٻن جوابدارن طفيل ميمڻ ۽ رمضان ميمڻ گڏجي 9 سالن جي نياڻي سان مبينا زيادتي جونشانو بڻائڻ بعد کيس ڳاڙھوجي پرائمري اسڪول جي ڀر سان جهنگ ۾ ڦٽو ڪري ويا، معصوم ٻارڙي گهر پهچي پنهنجي مائٽن سان شڪايت ڪئي جنهن تي معصوم ٻارڙي جي مائٽن ٻارڙي کي شھر جي ويجهي هڪ نجي اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي خيربانو ميمڻ وٽ علاج لاءِ وٺي ويا، جتي ڊاڪٽرياڻي معصوم ٻارڙي جو طبعي معائنو ڪرڻ دوران سندس وارثن کي ٻڌايو ته معصوم ٻارڙي سان زيادتي جو شڪ لڳي ٿو، سندس رت پڻ بند نٿو ٿئي جنهن بعد ٻارڙي حقيقت بيان ڪئي، جنهن کان پوءِ وارث کيس مڪلي اسپتال لاءِ طبي معائني لاءِ کڻي ويا، راز پڌرو ٿيڻ بعد  جوابدار ڌر جي ماڻهن پاران پ پ جي مقمي اڳواڻ جي سرپنچي ۾ جرڳو ٿيو، جنهن زيادتي جي بدلي ٻه سڱ ڏيڻ جو پڻ واعدو ڪيو ويو پر نينگري جي پيءُ احمد پاڪوڙي ۽ حاجي ميمڻ بااثر وڏيري جو فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪيو، جنهن بعد هنن جوابدارن خلاف ڳاڙھو ٿاڻي تي پهچي اين سي داخل ڪرائي، جنهن بعد پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتارڪري ٿاڻي ۾ لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، نينگري جي والدين ڳاڙھو ٿاڻي جي ايس ايڇ او تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي ايس ايس پي ٺٽو کان جاچ ڪنهن ايماندار آفيسر حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن تي ايس ايس پي ٺٽو جانچ ٻگهاڻ پوليس جي ايس ايڇ او حميد رودناڻي حوالي ڪئي جتي ٻگهاڻ پوليس پاران جوابدارن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا جاري آھي جڏھن ته مبينا زيادتي جو شڪار بڻجندڙ معصوم نياڻي جي حالت خطري ۾ ٻڌائي وڃي پئي، ياد رهي ته هڪڙي جوابدار طفيل ميمڻ جي ڏاڏي حاجي صديق ميمڻ 40 سال کن اڳ پنهنجي نياڻي سان زيادتي ڪئي هئي جنهن جي هو سزا ۾ جيل به لوڙھي آيو هو، جڏھن ته ٻيو جوابدار رمون ميمڻ جنهن جا ڀائر پڻ اشتهاري ڏوهاري آھن. ذريعن موجب هن قسم جا اڳ به ساڳئي پاڙي ۾ ٻارن سان زيادتين جا واقعا ٿيندا رهيا آھن پر راڄ جي ماڻهن جي فيصلن تحت فيصلا ڪري مسئلن کي ڳجهو بڻايو ويندو هو، ٻئي پاسي ڳاڙھو جي ڪيترن ئي صحافين کي خبرکي بند رکڻ لاءِ لڪائڻ پئسن جون آڇون ٿي رهيون آھن،  علائقي جي سياسي سماجي ڌرين هن قسم جي انسانيت کي لڄائيندڙ واقعي تي مذمت جو اظھار ڪندي انساني حقن جي تنظيمن اعلىٰ عدالتن کي نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪرائي سخت کان سخت سزا ڏيارڻ جو مطالبو ڪيوآھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.