اليڪشن ڪميشن غافل رهي ته جمهوريت جو مستقبل داءُ تي لڳي ويندو:شاهه محمود

لاهور( م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن غافل رهي ته جمهوريت جو مستقبل داءُ تي لڳي ويندو. لاهور ۾ نيوز ڪانفرنس دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته پنجاب ۾ ننڍي چونڊ دوران اليڪشن ڪميشن وڏي آزمائش مان گذرڻ واري آهي. هن چيو ته ننڍين چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن ساک وڃائي ته عام چونڊون دفن ٿي وينديون. ٻڌو آهي ته 18 سيٽون مسلم ليگ ن ۽ 2 سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏنيون وينديون.  شاهه محمود چيو ته هي چونڊون 20 تڪن جون ناهن پر حمزا شهباز جي مستقبل جون آهن. جن کي ٽڪيٽون ڏنيون ويون آهن، انهن کي چيو ويو آهي ته اوهان پريشان نه رهيو، حمزا جي چونڊ آهي. هن چيو ته 1977ع ۾ ذوالفقار ڀٽي انتظاميا کي استعمال ڪيو ته چونڊون سواليا بڻجي ويون.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.