آءِ ايم ايف پروگرام ۾ دير، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 215 رپين کان چڙهي ويو

ڪراچي ( رپورٽر) آءِ ايم ايف پروگرام ۾ دير سبب صورتحال خطرناڪ ٿي وئي، ڊالر لڳاتار چاڙهه ۾ رهندي اوپن مارڪيٽ ۾ 215 ۽ انٽر بينڪ ۾ رڪارڊ سطح 212 رپين کان چڙهي ويو آهي. رپئي جو ملهه لڳاتار ڪرڻ لڳو آهي. اوپن مارڪيٽ ۾ ڪالهه ڊالر 215 رپيا 50 پئسا رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته انٽربينڪ ۾  ڊالر 212 رپين جي رڪارڊ سطح تي پهچي ويو آهي. ماهرن موجب رپيو لڳاتار لاٿ ۾ آهي. فاريڪس ايسوسئيشن موجب گذريل هفتي پنج مرحلن ۾ رپئي جي ملهه ۾ 7 رپين کان وڌيڪ گهٽتائي ٿي. ٽريس مارڪ ۾ ريسرچ سربراهه ڪومل منصور جو چوڻ آهي ته رپئي جي ملهه ۾ لڳاتار گهٽتائي ان وقت تائين جاري رهندي،جيستائين آءِ ايم ايف پروگرام بحال نه ٿو ٿئي. ماهرن موجب هڪ ٻن ڏينهن ۾ آءِ ايم ايف سان معاهدي بابت اڳڀرائي نه ٿي ته صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي ويندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.