سپريم ڪورٽ نيب کان احتساب عدالتن ذريعي بري ٿيل جوابدارن جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) سپريم ڪورٽ نيب مان احتساب عدالتن ذريعي بري ٿيل جوابدارن جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي آهي. اڱاري ڏينهن چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ نيب جي جوابدارن ظهير الدين، ناصر قادر، محمد مسعود اختر، محمد سليم اختر ۽ خالد نديم جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ نيب طرفان دائر اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي. شنوائي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال نيب پراسيڪيوٽر کان کان پڇاڻو ڪيو ته جوابدار عدالت مان ڪڏهن بري ٿيا، ڇا احتساب عدالتن مان جوابدارن جي بريت جو نيب وٽ  ڪو رڪارڊ موجود آهي. نيب جي اسپيشل پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن 31 جنوري 2022ع تي احتساب عدالت مان بريت ماڻي، جوابدارن جون ٽرائل ڪورٽ مان بريت کان ضمانت رد ٿيڻ جون اپيلون غير موثر ٿي چڪيون آهن، نيب جي بيورو آفيسن ۾ جوابدارن جي بريت جو سمورو رڪارڊ رکيو ويندو آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال ان موقعي تي رمارڪس ڏنا ته نيب جوابدارن کي پڪڙي جيلن ۾ قيد ڪندي آهي، ڪيس ثابت نه ٿيڻ تي جوابدار عدالت مان بري ٿي ويندا آهن. عدالت سڳوري نيب کان احتساب عدالتن مان بري ٿيل جوابدارن جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي معاملي جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.