اڙڪاڻي ۾ نائين ڪلاس جو شاگرد بيدرديءَ سان قتل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد صديقي ڪالوني ۾ 16 سالا نائين ڪلاس جي شاگرد شيراز پٽ لطف جمالي جو هٿ پير ٻڌل ۽ تشدد ٿيل لاش هٿ اچڻ تي علائقي واسين پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو پوليس پهچي لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو. ان موقعي تي نينگر جي پيءُ لطف علي جمالي ٻڌايو ته منهنجو پٽ شيراز جمالي 9 درجي جو شاگرد هو جيڪو صبح جي وقت گهران نڪرڻ بعد واپس نه آيو ڳولا ڪرڻ تي پٽ جو لاش پاڙي ۾ مسجد جي ڀرسان مليو آهي جنهن کي رسو ٻڌي گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي ۽ لاش ڀرسان رت جا نشان به آھن. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته پٽ جي قتل ۾ ملوث جوابدار کي وائکو ڪري خون سان انصاف ڪيو وڃي. ان حوالي سان ايس ايڇ او حيدري خادم حسين بليدي ٻڌايو ته منجهند ڌاري 16 سالن جي وقت مسجد ڀرسان لاش هٿ آيو جنهن کي مٿي ۾ سرون لڳل ۽ تشدد ٿيل آهي وڌيڪ واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.