ملڪ کي ڏيوالي کان بچائي وياسين، عمران ۽ سندس گهر واري کي حساب ڏيڻو پوندو: بلاول

لاڙڪاڻو( رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول چيو آهي ته عمران خان ۽ سندس گهر واري کي ڪرپشن جو حساب ڏيڻو پوندو. لاڙڪاڻي ۾ شهيد بينظير جي سالگرهه جي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته آءِ ايم ايف ڊيل ڏسي حيران ٿي وياسين، سليڪٽڊ کي نيڪالي ڏئي ملڪ کي ڏيوالي نڪرڻ کان بچايو. هن چيو ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي. اسان اڳ ۾ ئي چيو ته آئيني هٿيار استعمال ڪري سليڪٽڊ کي نيڪالي ڏني. پ پ چيئرمين چيو ته سليڪٽڊ شخص عوام جي آئيني حقن تي حملو ڪندو رهيو. هن چيو ته ملڪ بچائڻ لاءِ هن حڪومت کي آئيني طريقي سان ختم ڪيو. حڪومت سنڀالي اندازو ٿيو ته چئن ورهين ۾ هن شخص ڪيترو نقصان ڏنو.  آءِ ايم ايف ڊيل پڙهي حيران ٿيس عوام سان ڪهڙو مذاق ڪيو ويو. هن چيو ته فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس ۾ پاڪستان خلاف ٻه ايف آءِ آر داخل هيون. هڪ ايف آءِ آر مني لانڊرنگ ۽ هڪ ٽيرر فنانسنگ تي ٿي. هن چيو ته ايف اي ٽي ايف بعد جي ايس پي پلس جي خوشخبري ڏينداسين. هن چيو ته ڪرپشن خلاف عمران جو بيانيو 100 سيڪڙو ڪوڙ تي هو، هن کي ۽ سندس گهر واري کي حساب ڏيڻو پوندو. بلاول چيو ته عمران ۽ سندس گهرواري ڪرپشن لاءِ هڪ ڪمپني بڻائي ۽ ڪمپني ۾ ڪڪ بيڪس پهچايا، ڪمپني ذريعي مختلف ماڻهن ڪرپشن ڪئي. بلاول چيو ته آمريڪا سان صرف واپار لاءِ ڳالهه ٻول ڪئي. اسان واپار چاهيون ٿا، بيک نه ٿا وٺون. بلاول ڀٽو چيو ته جڏهن کان پرڏيهي وزير بڻيو آهيان، هڪ ڏينهن به  آرام سان ناهي ويٺو. هو شهيد بينظير کي  ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته شهيد محترمه 30 سالن تائين ملڪ جي ترقي لاءِ جدوجهد ڪئي، شهيد بينظير جمهوريت جي بحالي ۽ اسلام جي پرامن پيغام لاءِ جدوجهد ڪندي رهي، هوءَ هن ملڪ جي غريب عوام لاءِ آواز هئي. اهي هر ظالم ۽ هر آمر سان وڙهندا رهيا، اهي هن ملڪ جي نوجوانن جو آواز هئا. بلاول ڀٽو چيو ته بينظير ڀٽو کي قتل ڪرڻ وارا سوچي رهيا هئا ته پيپلز پارٽي ختم ٿي ويندي، غريبن جو آواز اٿارڻ وارو ڪير به نه هوندو پر اها سندن غلطي هئي، هوءَ اڄ به ڪارڪنن جي روپ ۾ زندهه آهي. هن چيو ته عوام چئن سالن تائين سليڪٽيڊ ۽ ڪٺ پتلي وزيراعظم کي برداشت ڪيو، سمورن پارٽي گڏجي اتحادي حڪومت ٺاهي شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊيو آهي جيڪڏهن عوام چئن سالن تائين عمران خان جي تباهي، ناجائز ۽ سليڪٽيڊ کي برداشت ڪيو آهي ته پوءِ ٿوري دير هن اتحادي حڪومت کي به موقعو ڏيو جيئن پاڪستان کي صحيح رخ ۾  آڻي، معاشي، جمهوري ۽ چونڊ سڌارا ڪري بعد ۾ اسين صاف ۽ شفاف چونڊن ڏانهن وڌي سگهون، سمورا مرحلا مڪمل ٿيڻ بعد اسان کي عوام سان گڏجي ٻاهر نڪرڻو آهي. عمران خان مٿان ڇتي تنقيد ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن شخص چئن سالن ۾ جنهن طريقي سان هن ملڪ، معيشت ۽ معاشري کي نقصان پهچايو ان جو اندازو حڪومت سنڀالڻ کان پوءِ ٿيو ته هن چار سالن ۾ ملڪ سان ڇا ڪيو؟ جنهن آءِ ايم ايف ڊيل تي اسين تنقيد ڪندا هئاسين جڏهن اهو کولي پڙهڻ شروع ڪيو ته حيران ٿي وياسين ته عوام سان ڪهڙو مذاق ڪيو ويو آهي، خان صاحب پنهنجي معاشي ڊيل جي ڀڃڪڙي ڪندي غير امدادي سبسڊي جي راند کيڏي جنهن جي ڪري پوري ملڪ کي معاشي نقصان ٿيو ۽ اسين ڊفالٽ جي ويجهو پهتاسين پر وزيراعظم ۽ ان جي معاشي ٽيم پاڪستان کي ڊفالٽ ۽ ڏيوالي کان بچائي ورتو. هڪ مهيني کان آءُ اقوام متحده، چين، يورپي يونين، سعودي عرب، يو اي اي ۽ وزيراعظم سان ترڪي جو به دورو ڪيو تازو آءُ ايران جو دورو ڪري واپس آيو آهيان هر هنڌ اها ڳالهه ڪئي آهي ته ماضي ۾ جيڪو به نقصان پهتو آهي اهو سڀ گذري چڪو آهي ۽ نئين اتحادي حڪومت  آئي آهي انشاءَ الله اسان پاڪستان جي نالي جو پوري دنيا ۾ دفاع ڪنداسين. آڪٽوبر مهيني ۾ فيٽف جي گري لسٽ مان نڪري وينداسين. مان سمجهان ٿو ته اسان کي هن شخص کان حساب وٺڻ گهرجي ۽ پڇا ڪرڻ گهرجي ته اها تبديلي ڪٿي آهي؟ ۽ ڪٿي آهن اهي واعدا جيڪي اوهان ڪيا ۽ هن کان پڇڻ ڪرڻ گهرجي جيڪو شخص ڏينهن رات ڪرپشن جي ڳالهه ڪري رهيو آهي اڄ ان جي ڪرپشن جون ڪهاڻيون نڪري رهيون آهن، اهو ثابت ٿيو ته عمران خان جي ڪرپشن جو بيانيو 100 سيڪڙو ڪوڙ تي ٻڌل هو، خان صاحب پوري توشه خانه کي خالي ڪري ڇڏيو، خاص صاحب توشه خان ۾ تحفا رکڻ کان اڳ وڪرو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا ۽ خان صاحب کي هڪ گهڙي تحفو ۾ ملي هن ان کي به وڪرو ڪري ڇڏيو. جڏهن حڪومت ۾ آيو ته ڪرپشن لاءِ خاتون اول جي نالي تي ڪمپني ٺاهي ۽ ان ۾ خان صاحب، خاتون اول ۽ ٻيا ان ڪمپني ۾ آهن اها ڪمپني ڊڪليئر ڇو نه ٿي هاڻي ان ڪمپني کي ايف بي آر ۽ عدالت ۾ ڊڪليئر ڪرڻو پوندو، خان صاحب عوام کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر خان صاحب کي خبر هجي ته هي سال 2018 ناهي هاڻي عوام تبديلي جي نعري کي سڃاڻي چڪو آهي هي نعرو اصل تبديلي جو نه پر تباهي جو نعرو آهي، نئون پاڪستان ٺاهيندي ٺاهيندي مهانگو پاڪستان ٺاهيو جنهن چيو ته خودڪشي ڪندس پر آءِ ايم ايف وٽ نه ويندس ۽ اتي وڃي جهڪيو ۽ پاڻ آءِ ايم ايف کي درخواست ڪئي هاڻي رهي ٿو ته هو ڪوڙ ۽ گار تي سياست ڪري. هن چيو ته ملڪ جي عوام شهيد محترمه بينظير ڀٽو سان گڏجي آمر ضياءَ الحق ۽ آمر پرويز مشرف جو مقابلو ڪيو ۽ عوام انهن کان بعد هڪ ٻئي غير جمهوري سليڪٽيڊ شخص کي شڪست ڏني. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي زندگي تي ڳالهائڻ لاءِ اسان جي سڄي رات گذري ويندي جنهن جي بهادري جا قصا مڪمل نه ڪري سگهنداسين. پي پي پي سنڌ جي صدر ۽ سينيٽر نثار کهڙو خطاب ڪندي چيو ته هن ساڳي ئي اسٽيڊيم منهنجي ڀيڻ شهيد محترمه بينظير ڀٽو آخري ڀيرو 23 ڊسمبر تي خطاب ڪيو ان وقت به هي روڊ ڀريل هئا ۽ هي اسٽيڊيم ننڍڙو ٿي پيو ۽ عوام ٻاهر بيٺو هو ساڳي طرح اڄ به عوام ٻاهر بيٺو آهي. اڄ ملڪ ۾ جيڪا جمهوريت آهي اها شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قرباني جي ڪري آهي .03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.