معاشي بحران، سياسي غيريقيني، اتحادي حڪومت اندر خاموش طوفان

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)  ملڪ ۾ هڪ طرف سنگين معاشي بحران آهي ته ٻئي طرف سياسي غير يقيني جي صورتحال آهي، ان صورتحال ۾ وري اتحادي حڪومت اندر به خاموش طوفان جنم وٺي چڪو آهي جيڪو ڪنهن ڌماڪي سان ظهور پذير ٿي سگهي ٿو، نامياري صحافي قربان بلوچ ان حوالي سان پنهنجي وي لاگ ۾ ڄاڻايو آهي ته اتحادي حڪومت قائم ٿيڻ کان هڪدم پوءِ ٻه اهم اڳڀرايون ٿيون هڪ ته آءِ ايس آءِ کي اضافي اختيار ڏنا ويا ٻيو ته ٽي ٽي پي سان ڳالهيون شروع ٿي ويون جنهن بابت نه اتحادين کي اعتماد ۾ ورتو ويو نه پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي اعتماد ۾ ورتو ويو، الٽو ان کي مورڳو بي خبر رکيو ويو، ٽي ٽي پي سان ڳالهيون ٿيون، جنگ بندي جو ٺاهه  ٿيو، جرڳو افغانستان پهچي ويو، ٽي ٽي پي جا اهم اڳواڻ آزاد ٿي ويا. ڪنهن ڳالهيون ڪيون، ڪنهن ٺاهه ڪيو، شايد نه حڪومت کي خبر ۽ محسوس ٿي رهيو آهي ته دفاع واري وزير خواجا آصف کي به ان معاملي بابت ڪا ڄاڻ نه آهي، اهڙي کڙڪ پوڻ تي پيپلز پارٽي سخت احتجاج ڪيو ۽ هنگامي اجلاس  طلب ڪري موقف اختيار ڪيو ويو ته ٽي ٽي پي سان  ڳالهين  ۽ ٺاهه جو اختيار صرف پارليامينٽ کي آهي، سينيٽر رضارباني واضح  ڪيو ته ٽي پي سان ڳالهيون جو اختيار  ڪنهن به ٻئي فورم کي نه آهي. پارليامينٽ کي معاملي جي تفصيلي ڄاڻ ڏني وڃي، مزي  جي ڳالهه اها آهي ته ان ٺاهه کانپوءِ خواجا آصف قومي اسيمبلي  ۽ سينيٽ  اجلاس مان غائب آهي، پ پ ان کان اڳ آءِ ايس آءِ کي اضافي اختيار ڏيڻ تي به خدشو ظاهر ڪيو هو ۽ ٽي ٽي پي سان ٺاهه  بابت وزيراعظم سان ڳالهين لاءِ 3 رڪني ڪميٽي به جوڙي هئي پر ان جو ڇا ٿيو، ان بابت ڪنهن اڳڀرائيءَ  جو ڪو به پتو نه آهي.بلاول ڀٽو زرداري به پرڏيهي وزير جي حيثيت سان طالبان سان ٺاهه بابت پارٽي پاليسي جي حمايت ۾ بيان ڏنو هو، جيتوڻيڪ پ پ کي ڄاڻ آهي ته طالبان سان ڪنهن ڳالهيون  ڪيون ۽ جنگ بندي جو ٺاهه ڪيو پر هو حڪومت ۽ لاڳاپيل ڌر جي منهن مان اها ڳالهه ٻڌڻ چاهين ٿا پر ڪٿان به کين وضاحت نه ملي رهي آهي، هر طرف خاموشي آهي، ڇاڪاڻ ته هن وقت اتحادي حڪومت اسٽيبلشمينٽ حامي ۽ عمران خان سخت اسٽيبلشمينٽ مخالف بڻيل آهي، نتيجي طور اتحادي حڪومت اندر  خاموش طوفان برپا آهي، جيڪو ڪنهن به وقت ڌماڪي سان ظاهر ٿي سگهي ٿو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.