قومي اسيمبلي ۾ آءِ ايم ايف معاهدا منظرعام تي آڻڻ جو مطالبو

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) وفاقي وزير ميان جاويد لطيف گذريل حڪومت پاران آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدن کي پبلڪ ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته قوم اڳوڻي حڪومت جي فيصلن جي اثرن کي ڀوڳي رهي آهي. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي ميان جاويد لطيف چيو ته ڊالر جي وڏي اڏام ۽ بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ اضافي جي باوجود قوم حڪومت تي اعتماد ڪري رهي آهي، هن چيو ته قوم جو اعتماد بحال ڪرڻ ضروري آهي، جيڪڏهن قوم جو اعتماد بحال نه ٿيو ته خدا نه ڪري گذريل 15 سالن کان ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ جون جيڪي سازشون ٿي رهيون آهن اهي ڪامياب ٿينديون، هن چيو ته هو سمجهي ٿو ته آءِ ايم ايف سان گذريل ساڍا ٽن سالن ۾ ڪيل معاهدن کي پبلڪ ڪرڻ گهرجي، جاويد لطيف چيو ته رنگ روڊ، دوائن، کنڊ، اٽو، پيٽرول ۽ ٻين اسڪينڊلز جي باري ۾ تحقيقات ٿيڻ گهرجي، پي ٽي آءِ جي  ميمبر احمد حسين ڊيهڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي نابالغ سياسي قيادت ملڪ کي جنهن نهج تي پهچايو آهي ان جو نتيجو عوام ڀوڳي رهي آهي، پاڻ ۾ وڙهڻ بدران ماڻهن کي ريليف ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت جي غلط پاليسين جي ڪري اڄ ملڪ هنن حالتن ۾ پهتو آهي، سمورن ادارن تي سبسڊيز ختم ڪئي وڃي ته جيئن ملڪ بحرانن مان نڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.