ملير ۾ خانگي اسٽيل مل جو بوائلر ڦاٽي پيو، 3 پورهيت مرڻ جا اطلاع، ڪيترائي زخمي

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) خانگي اسٽيل ڪمپني جي بوائلر ۾ خوفناڪ ڌماڪو، ٽن کان وڌيڪ پورهيتن جي مرڻ جا اطلاع. ملير جي علائقي اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ واقع خانگي اسٽيل مل ۾ بوائلر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو جنهن ۾ ڪيترائي پورهيت زخمي ۽ بيهوش ٿي ويا. اطلاعن موجب ٽن ڄڻن کان وڌيڪ پورهيتن دم ڏئي ڇڏيو ۽ ڪيترائي زخمي آهن. جن مان ٻن ڄڻن مختيار احمد ۽ محمد عاقب کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي پٽيل اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون واقعي کان بي خبر رهيو، صحافين جي اطلاع بعد اسٽيل ٽائون پوليس تحرڪ ۾ اچي وئي ۽ واقعي واري هنڌ تي پهچي متاثر پورهيتن کان معلومات ورتي،. پوليس مل مالڪ ملڪ عمران امين ۽ عملي کان بيان ورتا جنهن بعد پوليس ۽ انتظاميا جي ملي ڀڳت سبب واقعي کي انتهائي رازداري ۾ رکيو ويو آهي، متاثر پورهيتن صحافين کي ٻڌايو ته مل جو بوائلر انتهائي خراب حالت ۾ هو جنهن سبب اسان کي بنا ڪنهن تحفظ ۽ سيفٽي جي بوائلر تي ڪم ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو، جتي گذريل ڏينهن بوائلر ۾ هڪ وڏو ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ اسان جا ڪيترائي ساٿي بوائلر مان نڪرندڙ خطرناڪ دونهين جي زد ۾ اچي ويا، هوڏانهن اهو به معلوم ٿيو آهي ته انتظاميا مل بند ڪري پورهيتن کي خاموشي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.