عوامي آواز جي خبر، صحافي شاهين صهبائي جو رد عمل

لاهور (عوامي آواز نيوز) عوامي آواز ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ خبر شايع ٿي هئي ته موجوده آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي هڪ نئون عهدو چيف آف ڊفينس سروسز مقرر ڪيو ويندو.  جنهن خبر  خبر بابت آمريڪا ۾ ويٺل نامياري صحافي شاهين صحبائي ٽوئيٽ ڪري چيو آهي ته جنرل  قمر جاويد باجوه رٽائرڊ ٿيڻ بدران وڌيڪ بااختيار بڻجي رهڻ چاهي ٿو. ان لاءِ نئون عهدو سي ڊي ايس تخليق ڪيو پيو وڃي، هوڏانهن پاڪستان فرار ٿي برطانيا پهتل (ر) ميجر عادل راجا ٽوئيٽ ڪيو آهي ته کيس فوج جي سينيئر ترين آفيسر چيو آهي ته اوهان اسٽيبلشمينٽ سربراهه کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ڇاڪاڻ ته اسان نه ٿا ڪري سگهون، ياد رهي ته انهن سرگرمين سبب ئي (ر) ميجر عادل  راجا جي پينشن ۽ ميڊيڪل  سميت سموريون رعايتون بند ڪيون ويون آهن، هاڻي هو مسلسل پرڏيهه ۾ ويهي پنهنجو يوٽيوب چينل هلائي رهيو آهي ۽ سندس نشانو پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ حساس انٽيليجنس ادارو آهي. (ر) ميجر عادل راجا جي ان ٽوئيٽ کانپوءِ  سوشل ميڊيا تي اسٽيبلشمينٽ سربراهه کان استعيفيٰ جو مطالبو ٽاپ ٽرينڊ  بڻيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.