ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي مڪاني کاتي جي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ برساتي نالن جي صفائي جي حوالي سان اهم اجلاس منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ مڪاني کاتي جي سيڪريٽري انجنيئر سيد نجم شاهه، مڪاني کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري ، ضلعي ايڊمنسٽريٽرن، ايم ڊي سالڊ ويسٽ، ڪي ايم سي ۽ لاڳاپيل ادارن جا نمائندا پڻ موجود هئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي مڪاني کاتي جي وزير سيد ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته صوبي ۾ امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي سمورن حفاظتي قدمن ۽ اڳواٽ تياريون بنا ڪنهن دير جي مڪمل ڪيون وڃن ۽ مون سون سيزن دوران مڪاني ادارا مڪمل طور تي هاءِ الرٽ ۽ ايمرجنسي لاڳو رهي.