ملڪ ۾ 2010ع جهڙي خطرناڪ ٻوڏ صورتحال جو خدشو

ڪراچي(م ڊ) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان ملڪ ۾ 2010ع واري خطرناڪ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو، هن چيو ته ڪراچي، لاهور، ملتان، پشاور ۽ اسلام آباد سميت وڏن شهرن ۾ اربن فلڊ جو واضح خطرو آهي، قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي ۽ صوبائي کاتن کي امڪاني تباهه ڪندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته پنجاب ۽ سنڌ ۾ برسات معمول کان وڌيڪ ٿيڻ جي توقع آهي، مون سون شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ هنگامي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ آگسٽ 2022ع تائين مون سون برساتون جاري رهڻ جو امڪان آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.