اينڪر اقرار الحسن جي هنگامي ڪيس مان 7 ڏينهن لاءِ ضمانت منظور

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ خانگي ٽي وي جي اينڪر اقرار الحسن جي ست ڏينهن جي لاءِ 50هزار جي مچلڪن عيوض حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، عدالت لاڳاپيل ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي، اقرارالحسن تي ميرپورخاص ۾ هنگامو ڪرڻ ۽ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ڪرڻ خلاف ميرپورخاص ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آهي.

آءِ جي سنڌ پوليس پاران قلم 144 تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ جون هدايتون

ڪراچي (رپورٽر)آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ سنڌ حڪومت جي لاڳو ڪيل قلم 144 تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ آءِ جي سنڌ چيو آهي ته پهرئين مرحلي ۾ بلدياتي اليڪشن ، ٻئي مرحلي ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ245 جي ضمني چونڊ ۽ عيدا لاضحيٰ جي موقعي تي ايندڙ 60 ڏينهن لاءِ قلم 144 جي پابندي کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته هٿيارن جي نمائش تي پابندي وارن حڪمن تي انهن جي روح مطابق عمل ڪرايو وڃي. سمورا ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز صوبائي سطح تي قلم 144 تحت پابندي تي عملدرآمد ۽ خلاف ورزي تي شڪايتن جي داخلا پنهنجي نگراني ۾ يقيني بڻائين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.