وزيراعظم پاران شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي 69 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان جي جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو شهيد کانسواءِ اڌوري آهي ۽ سندس شهادت سان پيدا ٿيندڙ خال نه ڀرجندو. وزيراعظم چيو ته بينظير ڀٽو شهيد پنهنجي نظريي تي دليراڻي طور تي ۽ سختي سان قائم رهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي

وزيراعظم جي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اڱاري ڏينهن بجيٽ تي عام بحث دوران وزيراعظم ايوان ۾ ڪافي دير تائين ويٺل رهيو. قومي اسيمبلي اچڻ تي ميمبرن ڊيسڪون وڄائي سندس استقبال ڪيو. وزيراعظم ان دوران پي ٽي آءِ جي ميمبر احمد حسين ڊيهڙ جي بجيٽ تي تقرير غور سان ٻڌي ۽ هڪ موقعي تي ذاتي وضاحت پڻ ڪئي. ان دوران مسلم ليگ (ن) جي ڪيترن ئي ميمبرن وزيراعظم سان قائد ايوان جي سيٽ تي وڃي ملاقات پڻ ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.