بلوچستان کي ٽن ڏينهن اندر پاڻي فراهمي وڌائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) آبي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ بلوچستان کي پاڻي فراهميءَ بابت خصوصي ڪميٽيءَ جو اجلاس اڱاري ڏينهن هتي منعقد ٿيو. آبي وسيلن ۽ ارسا اختيارين پاڻيءَ جي فراهميءَ جي حوالي سان سنڌ ۽ بلوچستان کي پاڻي فراهم ڪرڻ بابت رپورٽ پيش ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزير اياز صادق، آغا حسن بلوچ، اسيمبلي ميمبر خالد مگسي، آبي وسيلن واري وفاقي سيڪريٽري، ارسا چيئرمين ۽ ميمبرن جي شرڪت. بريفنگ دوران ٻُڌايو ويو ته بلوچستان کي ضرورت موجب پاڻي فراهم ڪرڻ ڪجهه ڏينهن ۾ شروع ڪيو ويندو. صوبي کي 3 ڏينهن ۾ وڌيڪ 6 هزار ڪيوسڪ پاڻي ملڻ شروع ٿي ويندو. ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اوڇ ۽ منوٺي ڪئنال ۾ پاڻي ملڻ شروع ٿي ويندو. ان موقعي تي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته ملڪ ۾ هاڻوڪين برساتن مان اميد ٿي آهي ته پاڻيءَ جي کوٽ گهٽجي ويندي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته سمورن صوبن کي پاڻي برابر سهولت سان ڏنو وڃي. هن چيو ته بلوچستان ۽ سنڌ کي انهن جي حصي جو پاڻي وقت تي فراهم ڪرڻ سندس ترجيح آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.