مڪاني چونڊ شيڊول خلاف اسٽي جاري ڪرڻ بابت استدعا رد

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جنيد غفار ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ مڪاني چونڊن جي شيڊول خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي آھي، مڪاني چونڊن جي شيڊول خلاف تحريڪ انصاف جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي، پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته فروغ نسيم به ساڳي درخواست ڏني هئي، جنهن کي رد ڪيو ويو آهي، عدالت چيو تھ سموريون پارٽيز چونڊ وڙهڻ جو حق رکن ٿيون، سنڌ حڪومت کي ڌُر بڻائڻ بعد سياسي پارٽيز کي ڌُر بڻائڻ جو ڪوبه جواز ناهي، درخواستگذار جي وڪيل جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ حڪومت سنڌ کي مڪاني چونڊيون آرٽيڪل 140 جي تحت ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، جڏهن ته حڪومت سنڌ هن مهل تائين مڪاني کاتي جي قانون کي آئين جي آرٽيڪل 140 اي جي هم آهنگ نه ڪري سگهي آهي، سنڌ حڪومت ڊسٽرڪٽ اولهه جي ويڙهه ڪري ڪياماڙي هڪ نئون ڊسٽرڪٽ ٺاهيو آهي، جنهن سان ڊسٽرڪٽ اولهه ۽ ڪياماڙي تڪبندين ۾ فرق اچي ويندو، جسٽس جنيد غفار پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اوهان اليڪشن ڪميشن ۽ سنڌ حڪومت سان گڏ پ پ کي ڌر ڇو بڻايو آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته پ پ حڪمران جماعت آهي انڪري هن پنهنجي مفاد ۾ تڪبنديون ڪيون آهن، عدالت چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ ڪهڙيون پارٽيون رجسٽرڊ آهن اوهان هنن کي به ڌر ٺاهيو، عدالت جي چوڻ تي درخواستگذار پ پ جو ڌر مان نالو ڪڍي ڇڏيو آهي، عدالت پي ٽي آءِ جي درخواست کي متحده جي درخواست سان گڏائي ڇڏيو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 23 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.