سنڌ ۾ مڪاني چونڊ: پوليس گاڏين تي ڪئميرا لڳائي مانيٽرنگ جي هدايت

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ پوليس کاتي کي ھدايت ڪئي آھي تھ 26 جون 2022ع تي چئن ڊويزنن جي 14 ضلعن ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن دوران امن امان کي برقرار رکندي تحمل جو مظاھرو ڪيو وڃي. ھن گھرو کاتي کي مڪاني چونڊن دوران ھٿيارن جي ڏيکاءَ خلاف شق 144 لاڳو ڪرڻ جي ھدايت ڪئي ۽ پوليس کي پڻ چيو تھ ھنگامي صورتحال ۾ ڪوئيڪ ري-ايڪشن فورس (ڪيو آر ايف) مقرر ڪيو وڃي. ھن اھي ھدايتون اڄ وزيراعليٰ ھائوس ۾ امن امان واري صورتحال ۽ مڪاني چونڊن جي انتظامن بابت جائزو وٺڻ لاءِ رٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. اجلاس ۾ انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) پوليس غلام نبي ميمڻ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، گھرو سيڪريٽري سعيد مڱڻيجو، ڪمشنر ڪراچي اقبال ميمڻ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو ۽ لاڳاپيل ڊي آءِ جيز شرڪت ڪئي. جڏھن تھ شھيد بينظيرآباد، لاڙڪاڻو، سکر ۽ ميرپورخاص ڊويزنن جي ڪمشنرن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو تھ ڊويزنل انتظاميا ۽ پوليس اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ سياسي تنظيمن ۽ گروپن سان گڏجاڻيون ڪن ۽ سندن ضابطن بابت اعتماد ۾ ورتو وڃي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو تھ سمورن 14 ضلعن ۾ 8724 پولنگ اسٽيشنون آھن، جن ۾ 1985 کي انتھائي حساس، 3448 کي حساس ۽ 3291 کي نارمل قرار ڏنو ويو آھي. ان تي وڏي وزير لاڳاپيل ڪمشنرن ۽ پوليس کي ھدايت ڪئي تھ اھي اميدوارن ۽ سندن پارٽي قيادت سان ڳالھيون ڪن تھ جيئن اھي سندن حامين / ڪارڪنن کي ڪنٽرول ۾ رکن. ھن وڌيڪ چيو تھ 1985 انتھائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي 9925 پوليس اھلڪار، 3448 حساس پولنگ اسٽيشنن تي 10344 ۽ 3291 نارمل پولنگ اسٽيشنن تي 6276 اھلڪار ڊيوٽي سرانجام ڏيندا. وڏي وزير جي ھدايت تي ڪوئيڪ ري-ايڪشن فورس (ڪيو آر ايف) جي 10644 اھلڪارن کي مقرر ڪيو ويندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.