بنگلاديش، ڀارت ۾ ٻوڏ،95 لک ماڻهو ڦاٿل

نيويارڪ(م ڊ)بنگلاديش ۽ اتر اولهه ڀارت ۾ شديد برساتن سبب آيل ٻوڏ سبب 95 لک ماڻهو پنهنجي علائقن ۾ ڦاسي پيا آهن، ڀارتي رياست آسام ۾ 69 ماڻهو فوت ٿي ويا، بنگلاديس جي ضلعي سنام گنج جي رهواسي رائٽرز کي ٻڌايو ته شهرين وٽ کائڻ ۽ پيئڻ جو پاڻي به ناهي،  گڏيل قومن جي اداري يونيسف چيو آهي ته اتر اوڀر بنگلاديش ۾ ٻوڏ سان متاثر 16 لک ٻارن سميت 40 لک ماڻهن کي فوري طور تي امداد جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ هن 25 لک آمريڪي ڊالرن جي فنڊنگ جو مطالبو ڪيو آهي. چيني خابرو اداري مطابق بنگلاديش ۾ يونيسف جي نمائندي شيلڊن يٽ چيو ته ٻارن کي ان وقت پيئڻ جي صاف پاڻي جي ضرورت آهي ۽ پاڻي سان پيدا ٿيندڙ موذي بيمارين کي روڪڻ جي ڪيترن اهم خدشن مان هڪ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.