رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي ۾ ورتل ٻارڙن جا والدين پريشان، غير معياري دوائن ملڻ تي احتجاج

رتوديرو ( ن ع آ )  رتوديرو ۽ ان جي آس پاس وارن ڳوٺاڻن علائقن ۾ ايڇ آءِ وي جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٻارڙن جي والدين پاران تعلقه اسپتال  رتوديرو ۾ قائم ايڇ آءِ وي ٽريٽمينٽ سينٽر اڳيان احتجاج ڪري انڊو منٽ فنڊ نه ملڻ ۽ دوائون غير معياري هجڻ جون دانهون ڪيون آهن احتجاج دوران مظاهرين امتياز علي جلباڻي ،  شهزادو شر ، محمد يونس ، غلام محمد جلباڻي ، انعام علي شر ، هادي بخش خروس ، لياقت سومرو، عبدالستار کوکر، نورنگ خروس، منظور علي شر ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان جا معصوم ٻارڙا گذريل ٽن ورهين کان وٺي ايڇ آءِ وي جهڙي خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا آهن پر انهن جي علاج لاءِ ايڇ آءِ وي ٽريٽمينٽ سينٽر تان ڪي به معياري دوائون نه ٿيون ڏنيون وڃن هنن چيو ته جيڪي دوائون ملن ٿيون اهي به اڻپوريون آهن جن جو ڪو به معيار نه آهي اهڙين غير معياري دوائن جي استعمال سان مرض تي به ڪو اثر نه ٿو پوي جيڪڏهن دانهون ڪيون ٿا ته اسان کي اهو چيو وڃي ٿو ته ٻاهران دوائون خريد ڪريو هنن چيو ته ٻاهران ملندڙ دوائون مهانگيون هجڻ سبب اسان غريب ماڻهو اهي خريد ڪري نه ٿا سگھون ان کان علاوه انڊو منٽ فنڊ آهي جيڪو ٽن ورهين ۾ رڳو هڪڙو ڀيرو اسان کي ٻارڙن لاءِ ڏنو ويو آهي باقي فنڊ ۾ آيل ڪروڙين روپيه ڪٿي آهن ان جي ڪا به خبر نه آهي هنن چيو ته انڊو منٽ فنڊ ۾ آيل ڪروڙين روپيه معصوم ٻارڙن کي ڏيڻ بجاءِ اهي هڙپ ڪيا ويا آهن هنن چيو ته ايڇ آءِ وي ٽريٽمينٽ سينٽر تي مقرر ڊاڪٽرياڻي شاهدا ميمڻ مرض ۾ ورتل ڪنهن به ٻار جي والدين سان ملڻ لاءِ تيار نه آهي، جڏهن به اچون ٿا ته اسان کي اهو چئي موٽايو ويندو آهي ته ڊاڪٽرياڻي ميٽنگ ۾ آهي، اسان ان سلسلي ۾ ڪيترائي ڀيرا احتجاج به ڪيا آهن پر پوءِ به لاڳاپيل اختياريون اسان جون دانهون ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن هنن صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪندي چيو آهي ته ايڇ آءِ وي ٽريٽمينٽ سينٽر تي مقرر ڊاڪٽرياڻي کي هٽائي معياري دوائون ۽ انڊو منٽ فنڊ ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.