خيرپور مان پورهيت پر سرار نموني گم، وارثن کي اغوا شڪ

خيرپور ( ڊر ) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ جو رهواسي پورهيت عتيق الرحمن ڦلپوٽو پراسرار نموني گم وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ان سلسلي ۾ عتيق الرحمن ڦلپوٽو جو پيءُ مشتاق احمد ڦلپوٽو صحافين کي ٻڌايو ته ڪنهن شخص نوڪري جو ڏٽو ڏئي کيس مال متا وڪڻائي پئسا ڏيڻ جي لاءِ  چيو جنهن تي عتيق الرحمٰن پنهنجون ٻڪريون وڪڻي پئسا  به ساڻ کنيا ۽ ڪپڙن به کنيا ۽ هو خيرپور شهر ڏانهن آيو 5 ڏينهن گذري چڪا آهن سندس ڪوبه پتو نه ٿو پئي ۽ سندس موبائيل فون به بند آهي گهڻي ڳولها ڪرڻ جي باوجود ڪٿي به سندس موجودگي جو ڪو پتو نه ٿوئي گڻهي ڳولها ڪرڻ جي باوجود سندس ڪابه خبر نه ٿي پئي هن ايس ايس پي خيرپور کان گم ٿيل نوجوان جي ڳولها ڪرڻ ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.